Book Name:Imam e Azam ka Taqwa

امامِ اعظم رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جي تَقويٰ وپرهيزگاري، عبادت وتلاوت ۽ خوفِ خدا جي باري ۾ بيان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪيون ٿا۔ سڀ کان پهريان هڪ اهڙي حڪايت ٻڌون ٿا جنهن سان اندازو ٿيندو ته اسان جا امامِ اعظم رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه ڪيتري قدر مُتَّـقي ۽ خوفِ خدا رکڻ وارا الله  عَزَّ وَجَلَّ  جا وَلي هئا، جيئن

پهريان دل صاف ڪريو!

شيخِ طريقت،امير اهلسُنَّت باني دعوت ِاسلامي حضرت علامه مولانا ابُو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي رسالي ’’لڙڪن جي برسات‘‘ صفحي 14 تي هڪ حڪايت نقل ڪن ٿا: حَضْرتِ سيدُنا امام فَخرُ الدِّين رازي رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: امامِ اعظم(رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه) هڪ (غيرمسلم) مَقروض (يعني جنهن کي قرض ڏنو هيو) ان کان قَرض وُصُول ڪرڻ جي لاءِ تشريف کڻي ويا، اِتّفاق سان اُن جي گھر جي ويجھو سندن جي نَعلِ پاڪ (يعني جُوتي مبارَڪ) تي گپ لڳي وئي، گپ صاف ڪرڻ لاءِ جتي مبارڪ کي ڇنڊيائون ته ڪجھ گپ مٽي اُڏري ڪري ان جي ديوار تي لڳي وئي، (اهو ڏسي) (پاڻ رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه تي خوفِ خدا جو اهڙو غلبو ٿيو جو پاڻ) پريشان ٿي پيا ته هاڻي ڇا ڪيان! ڀت تان جيڪڏهن گپ صاف ڪيان ٿو ته ديوار ڀت جي مِٽي به ڪرندي ۽ جيڪڏهن صاف نٿو ڪيان ته خراب لڳي پئي۔انهيءَ سوچ ۾پاڻ رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه ان جو دروازو کڙڪايو ان شخص ٻاهر نڪري جڏهن امامِ اعظم (رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه) کي ڏٺو (ته سمجھيائين شايد امامِ صاحب مون کان قرض وصول ڪرڻ آيا آهن) ته اُن