Book Name:Imam e Azam ka Taqwa

ساهه نڪري ويو ته پوءِ؟

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان! حضرتِ سَيدُنا امامِ اعظم رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه ڪيتري قدر عظيم تقويٰ جا مالڪ هئا جو پنهنجي زبان جي حد درجي تائين حِفَاظَت ڪندا هئا ۽ سچو قسم کڻڻ تي به دِرهم و دينار صدقو ڪندا هئا۔ هڪ پاسي ته انهن جو روشن ۽ نوراني ڪردار هو جڏهن ته ٻي پاسي اسان جو گُناهن ڀريو گندو دامن، اُنهن پنهنجي زبان جي اهڙي حِفَاظَت ڪئي جو ماڻهن ۾ ”گھٽ ڳالهائڻ وارا ۽ وڌيڪ خاموش رهڻ وارا“ مشهور ٿي ويا، جڏهن ته اسان جي فُضول بڪ بڪ ۽ زبان درازين سان ڪيئي ماڻهو پريشان ٿيندا هوندا، انهن جي تقويٰ ۽ خوفِ خدا جو زمانو شايد هو جڏهن ته اسان جي حالت ڇا آهي اهو اسان بهتر ڄاڻون ٿا، غور ڪيو آخر ائين ڇو آهي؟ ڇا هن جو سبب هي ته ناهي ته مَعَاذَ الله عَزَّوَجَلَّ اسان جي دل مان خوفِ خدا نڪرندو پيو وڃي؟ ڪٿي ڪثرت سان گُناھ ڪرڻ جي سبب اسان جي دل ڪاري ته نه ٿي وئي؟ جيڪڏهن واقعي ائين آهي ته تشويش جي ڳالھ آهي ته ڪٿي اسان جي دل جي سختي ۽ ان جي ڪري پيدا ٿيڻ واري غفلت ۽ گُناهن ۾ مدهوشي اسان کي جهنَّم جي اونهائين ۾ نه ڪرائي ڇڏي۔ لهٰذا ان کان پهريان جو اسان جي ساھ جي مالا ٽٽي وکري وڃي ۽ حسرت وندامت جي سِوا اسان وٽ ڪجھ باقي نه رهي اسان پنهنجي آخرت جي بهتري جي لاءِ پنهنجي دل ۾ الله عَزَّوَجَلَّ جو خوف ۽ تقويٰ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون۔