Book Name:Imam e Azam ka Taqwa

جي تاريڪي جو تَصَوُّر ڪيو آهي؟ قبر وحشر جي هولناڪين کي ياد ڪري خوف خدا مان لڙڪ جو هڪ قطرو به وهايو آهي؟ جيڪڏهن جواب ’’نه‘‘ ۾ اچي ته اڄ کان اهي سڀئي ڪم ڪرڻ جي هٿو هٿ نِيت ڪري وٺو ۽ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو،
اِنْ شَآءَالله عَزَّوَجَلَّ ان جي برڪت سان فرائض جي پابندي سان گڏوگڏ نفلي عبادات ڪرڻ جو به ذِهن بڻندو۔ ۽ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪم ڪرڻ جي به ڀرپُور ڪوشش ڪيو، جيڪڏهن اسان مدني ڪمن جا عامل بڻجي وياسين ته ٻيون برڪتون ماڻڻ سان گڏوگڏ روزانو تلاوتِ قرآن شريف ترجمي ۽ تفسير بيان ڪرڻ يا ٻڌڻ جي به سعادت ملي ويندي.

12 مَدَني ڪمن مان روزانو جو هڪ مَدَني ڪم”بعدِ فجرمَدَني حلقه“

اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ ذيلي حلقي جا 12 مَدَني ڪمن مان روزانو جو هڪ مَدَني ڪم فجر کان پوءِ ” مَدَني حلقه“ به آهي۔ جنهن ۾ روزانو، ٽي (3) قرآني آيتن جي تلاوت مع ترجَمه ڪنْزالايمان ۽ تفسيرخزائنُ العرفان يا تفسير نُورُالعرفان يا تفسيرصِراطُ الجنان، درسِ فيضانِ سُنَّت (4صفحا) ۽ منظوم شَجْره قادِريه، رَضَويه، ضيائيه، عطاريه پڙھيو ويندو آهي۔ انهن سڀني ڪمن جا دُنيا ۽ آخرت ۾ بي شُمار فائدا آهن، منقول آهي ته ٻنهي عالَم جي مالڪ ومختار صَلَّي الله تَعَالٰي عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اِرْشاد فرمايو: جس شَخْص قرآنِ پاڪ سکيو ۽ سکاريو ۽ جيڪو ڪجھ قرآن شريف آهي ان تي عمل ڪيو، قرآن شريف ان جي شفاعت ڪندو۔ (تاريخ دمشق لابن عساڪر ج۴۱ ص۳) ان کانپوءِ فيضانِ سُنَّت جو درس ڏنو ويندو آهي جنهن