Book Name:Imam e Azam ka Taqwa

سان اسان خاص ڪري تجارت (واپار) جي ڪيئي شرعي احڪامن جي معلومات سان مالا مال ٿي سگھون ٿا۔ اهو سلسلو ڏسڻ سان ڪاروباري ترقي سان گڏوگڏ سفرِ آخرت جي تياري جي مدني سوچ به نصيب ٿيندي۔ اِنْ شَآءَ اللهعَزَّ وَجَلَّ

اضافي قيمت واپس ڪرڻ جي لاءِ سفر!

منقول آهي ته هڪ شخص قيمتي ڪپڙو خريدڻ لاءِ مدينه کان ڪوفي آيو، اهو ڪپڙو صرف امامِ اعظم رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه وٽ موجود هو، ماڻهن ان کي ٻڌايو ته جڏهن توهان ان جي گودام ۾ وڃو ۽ هو توهان جي خواهش جي مُطابق توهان جي اڳيان ڪپڙو رکن ته بنا چُون و چرا ڪپڙا خريدي وٺجو ۽ ملھ طئي ڪرڻ وقت بحث نه ڪجو ڇو ته ابُوحنيفه رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه ته پاڻ ئي مُناسب قيمت ٻڌائيندا آهن، اهو شخص پاڻ رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جي دُڪان تي پهتو ته ان جي هڪ شاگرد سان مُلاقات ٿي، خريدار سمجھيو ته اهي ئي ابوحنيفه رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه آهن، ان ڪپڙو گھريو ته شاگرد ڪپڙو ڏيکاريو، ان قيمت پڇا ڪئي ته دُڪاندار هڪ هزار درهم ٻڌائي، ان شخص بغير سوچي سمجھي هڪ هزار درهم ڏنا ۽ سامان وٺي مديني شريف واپس موٽي ويو، ڪجھ عرصي کان پوءِ حضرت امام اعظم رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه اهو ئي ڪپڙو طلب ڪيو، ته شاگرد ٻڌايو ته مون هڪ هزار دِرهم جي بدلي اهو ڪپڙو وڪڻي ڇڏيو هو، پاڻ شاگرد کي فرمايائون توهان ماڻهن کي ڌوڪو ڏيندا آهيو ۽ گھڻي رقم وٺندا آهيو۔ پاڻ رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه آئنده جي لاءِ ان