Book Name:Imam e Azam ka Taqwa

پاڻ رَحْمَۃُ الله تَعَالٰي عَلَيه تمام وڏا عابد ۽ زاهد، الله عَزَّ وَجَلَّ جي معرفت ۽ خوف رکڻ وارا هئا، پنهنجي علم ذريعي هميشه رضاءِ الٰهي عَزَّوَجَلَّ تلاش ڪندا هئا۔

وَلي الله جي پيش گوئي

امامِ اعظم ابُوحنيفه رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه اڳ ۾ تِجارت ڪندا هئا، هڪ ڏينهن پاڻ رَحْمَۃُ الله تَعَالٰي عَلَيه جي مُلاقات امام شَعْبي رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه سان ٿي، انهن امامِ اعظم رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه کان پُڇيو: اوهان ڪهڙو ڪم ڪندا آهيو؟ امامِ اعظمرَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جواب ڏنو ته مان بازار ۾ ڪاروبار ڪندو آهيان۔ امام شَعبي رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه اِرْشاد فرمايو: بازار ۾ ڇو مصروف آهيو؟ عالمن وٽ اچ وڃ ڪيو۔ امامِ اعظم رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا مون عرض ڪيو: عالمن وٽ گھٽ ويندو آهيان، پاڻ رَحْمَۃُ الله تَعَالٰي عَلَيه فرمايو: اوهان عِلْمِ دِين کان غافل نه ٿيو! بلڪ اوهان جي لاءِ ته لازمي آهي ته علم ۽ عُلَمائن جي مجلس ۾ شريڪ رهو، مان اوهان ۾ عِلْمِ دِين جي سُڌ ٻُڌ ۽ ان جي دانشمندي جو نشان ڏسان پيو۔ امامِ اعظم رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا امام شَعبي رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جي اها ڳالھ منهنجي دل ۾ ويهي رهي ۽ مون بازار ۾ ويهڻ ڇڏيو ۽ عِلْمِ دِين ڏانهن مُتوجّه ٿيس، الله عَزَّوَجَلَّ مون کي ان جو گھڻو نَفْعو عطا فرمايو۔(المناقب للموفق،الجزء الاول ، ص۵۹) منقول آهي ته عُمر جي آخري حصّي ۾ حَضْرتِ سَيدُنا امامِ اعظم ابُوحنيفه رَحْمَۃُ الله تَعَالٰي عَلَيه کان ڪنهن سوال