Book Name:Imam e Azam ka Taqwa

پئي؟ اهو چوندو: ها۔ ته چيو ويندو اهو ان اِيذاء جو بدلو آهي جيڪو تُو مومِنن کي ڏيندو هئين۔ (اَلتَّرْغِيب وَالتَّرْهيب ج۴ ص۲۸۰ حديث ۵۶۴۹)

حُقُوقُ الْعِباد! آہ! ہوگا مِرا کيا!

 

کرم مجھ په کر دے کرم ياالٰهی!

بڑی کوششيں کی گُنه چھوڑنے کی

 

رہے آہ! ناکام ہم ياالٰهی!

مجھے سچی توبه کی توفيق ديدے

 

پئے تاجدارِ حرم ياالٰهی!

(وسائلِ بخشش مُرمّم مُرمّم،ص۱۱۰)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مختصر تَعارُف ۽ مُبارَڪ حُليو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حضرتِ سَيدُنا امامِ اعظم رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جو ذِڪرِ خير جاري آهي پاڻ رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه ڪوفي جا رهاڪو هئا۔ پاڻ
رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جو نالو نُعمان ۽ والِدِ سڳوري جو نالو ثابِت آهي ۽ سندن ڪُنْيت ابُو حنيفه (۽ لَقب امام ِاَعْظم آهي۔) پاڻ 80 هجري (ڪوفي) ۾ پيدا ٿيا ۽ 70 سالن جي عُمر ۾ (2 شَعْبانُ الْمُعظَّم )150ھ ۾ وَفات ڪئي۔ (تاريخ ِ بغداد ،ج ۱۳، ص:۳۳۱ ،نُزھَۃُ الْقارِي ج ۱،ص:۲۱۹) ۽ اڄ به بغداد شريف جي قبرستان خيزران ۾ سندن جو مَزار آهي۔ ماڻهو ان جي زيارت ڪندا آهن ۽ فيض حاصل ڪندا آهن۔ ( تاريخِ بغداد ،۱۳،ص:۳۲۵)

ہے نام نعمان اِبْنِ ثابت، ابُوحنيفه ہے ان کی کنْيت

پُکارتا ہے یہ کہہ کے عالَم، امامِ اعظم ابُوحنيفه

                 (وسائلِ بخشش مُرمّم، ص۵۷۳)