Book Name:Imam e Azam ka Taqwa

گاهن ۾ هر وَقْت اسلامي ڀائر مَوجُود هوندا آهن ۽ سکڻ سيکارڻ جو عمل جاري رهندو آهي۔ تنهنڪري اوهان وٽ جيترو به وَقْت هجي ان کي فُضوليات ۾ بَرباد ڪرڻ بدران مَدَني تربيت گاهن ۾ حاضر ٿي ضرورياتِ دين سکڻ ۽ سُنَّتن جي تربيت حاصل ڪرڻ ۾ گُذاريو۔ اهڙي طرح اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ پاڪستان جي انهن شهرن "باب المدينه ڪراچي، مدينة الاولياء ملتان، مرڪز الاولياء لاهور، سردارآباد فيصل آباد، گجرات، راولپنڊي، گلزارِ طيبه سرگودھا" ۾ اسلامي ڀينرن جون به مدني تربيت گاهون قائم آهن، جتي اسلامي ڀينرون پنهنجي سهولت جي مطابق مدني تربيت گاھ ۾ اچي علمِ دِين سکي ۽ سکائي ٻين کي سيکارڻ جون ڪوششون ڪنديون آهن۔

الله کرم ايسا کرے تجھ پہ جہاں میں

اے دعوتِ اسلامی تيری دہوم مچي ہو

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

ذهانت و تقويٰ ۾ بي مثال هئا

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان جا امام اعظم ابُوحنيفه رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه نهايت زبردست ذهن، عُمده فڪر ۽ شاندار ذهانت جا مالڪ هئا، سرڪارِ اعليٰ حضرت، امام اهلسنّت، مولانا شاھ اِمام احمد رضا خان رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فتاويٰ رضويه شريف ۾ نقل فرمائن ٿا ته حَضْرتِ سَيدُنا امام شافعي رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمايو: سڄي جهان مان ڪنهن جو به عقل