Book Name:Imam e Azam ka Taqwa

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! غور ڪيو! هڪ طرف ته وَقْت جا امامِ اعظم آهن جو شبهي واريون شيون کائڻ کان بچڻ جو ذهن رکن ٿا ۽ ٻي پاسي سندن پيروي جي دعوي ڪندڙ ڄاڻي واڻي ماڻهن کان رِشْوَت جو مُطالَبو ڪندي، وياجي ڪاروبار هلائيندي، امانت ۾ خيانت ڪندي ماڻهن جا لکين روپيا هضم ڪري ڇڏيندا آهن ان کان علاوه خبر ناهي ڪهڙن ڪهڙن طريقن سان حرام مال تي هٿ صاف ڪندا آهن۔ اي ڪاش! اسان امامِ اعظم جا سچا مُقَلِّد (پيروي ڪرڻ وارا ) بڻجي وڃون، اي ڪاش! اسان کي به سندن نقشِ قدم تي هلڻ نصيب ٿي وڃي ۽ اسان به انهن جيان گُناهن کان بچي ڪري، خُوب خُوب نيڪيون ڪمائي پنهنجي آخرت بنائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون ۽ ڏينهن رات الله عَزَّ َجَلَّ   جي عبادت ورياضت ۾ مشغول رهون۔

گناه کی دَلْدَل ۾ پھنس گيا ہوں، گلی گلی ميں دھنس گيا هوں

نکالو مجھ کو برائے آدم، امامِ اعظم ابو حنيفه!

(وسائلِ بخشش مُرمّم، ص۵۷۳)

پاڙيسرين کي به ترس ايندو هو!

حضرتِ سَيدُنا امامِ اعظم رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جي باري ۾ اچي ٿو ته پاڻ رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه عِبادت دوران خوفِ خدا کان روئيندا رهندا هئا، ايستائين جو رات جو ايتري قدر آه و زاري ڪندا هئا جو پاڙيسرين کي به پاڻ رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه تي رحم ايندو هو، حضرت سيدُنا حَفْص بن عبدُالرَّحمٰن رَحْمَۃُ الله تَعَالٰي عَلَيه امامِ اعظم جو رات مهل ڪثرت سان عبادت