Book Name:Imam e Azam ka Taqwa

قَرض جي اَدائيگي ۾ بهاني بازي شُروع ڪئي۔ امامِ اعظم (رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه) قَرض جو مُطالَبو ڪرڻ جي بدران ديوار تي گپ لڳڻ جي ڳالھ ٻڌائي نهايت ئي عاجزي سان ان کان مُعافي گھرندي اِرْشاد فرمايائون: مون کي اهو ٻڌايو ته اوهان جي ديوار ڪهڙي طرح صاف ڪيان؟ اهو غير مسلم امامِ اعظم(رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه) جي حُقُوقُ الْعِباد (ٻانهن جي حقن) جي مُعاملي ۾ بيقراري ۽ خوفِ خداوندي عَزَّوَجَلَّ ڏسي بي حد مُتَأَثِّر (مُ۔تَ ۔ اَث۔ ثِر ) ٿيو ۽ ڪجھ هن طرح چيائين: اي مسلمانن جا امام! ديوار جي گپ ته بعد ۾ به صاف ٿيندي رهندي، پهريان منهنجي دل جي گپ صاف ڪري مون کي مُسَلمان ڪيو۔ پوءِ اهو غَير مُسلِم امامِ اعظم (رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه) جي تقويٰ سبب مُسَلمان ٿي ويو۔

(تفسير ڪبير ج۱ص۲۰۴،بتغير)

جو بے مثال آپکا ہے تَقْویٰ، توبے مثال آپکا ہے فَتْویٰ

ہيں علم و تَقْویٰ کی آپ سنگم، امامِ اعظم ابوحنيفه

(وسائلِ بخشش مُرمّم، ص۵۷۳)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

ٻين کي ستائڻ:

امامِ اعظم عَليه رحمةُ اللهِ الاَڪرم جي محبت جي دعويٰ ڪرڻ وارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان، اسان جا امام اعظم عَليه رحمةُ اللهِ الاَڪرم ماڻهن جي حقن جي معاملي ۾ الله عَزَّوَجَلَّ کان ڪيترا ته ڊڄندا هئا، هن حڪايت مان انهن ماڻهن کي درس حاصل ڪرڻ گھرجي جيڪي ماڻهن