Book Name:Imam e Azam ka Taqwa

ڪيو ته اوهان هن بُلند مرتبي تي ڪيئن پهتا؟ ته پاڻ رَحْمَۃُ الله تَعَالٰي عَلَيه اِرْشاد فرمايائون: ’’مون پنهنجي علم ذريعي ٻين کي فائدو پهچائڻ ۾ ڪڏهن به ڪنجوسي کان ڪم نه ورتو ۽ جيڪو مون کي نه ايندو هو ان بابت ٻين کان فائده حاصل ڪرڻ ۾ ڪڏهن به شرم محسوس نه ڪيو۔“ (الدرالمختار، المقدمۃ، ج۱، ص۱۲۷)

زمانه بھر نے زمانه بھر میں بہت تَجَسُّس کيا و ليکن

ملا نہ کوئي امام تم سا امامِ اعظم ابُوحنيفه

 (ديوانِ سالڪ از رسائلِ نعيميه،ص۳۵)

مَدَني تربيت گاهن جو قِيام

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! امامِ اعظم رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جي هن فرمان مان واضح ٿيو ته عِلْمِ دِين حاصل ڪرڻ ۽ ان جي ذريعي ٻين کي فائدو پهچائڻ نهايت ئي بهترين ڪم ۽ دُنيا وآخرت ۾ دَرَجن جي بُلندي جو سامان آهي، پر افسوس! جو اڄ اسان جي اڪثريت عِلْمِ دِين کان گھڻو پري آهي، هڪ تعداد آهي جيڪو فرض عُلُوم تائين کان غافل نظر اچي ٿو۔ اهڙي پُرفتن دَور ۾ اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي عِلْمِ دِين سکڻ، سيکارڻ ۽ نيڪي جي دعوت کي عام ڪرڻ جا گھڻا ئي موقعا فَراهم ڪندي آهي، ڪيئي مُلڪن جي شهرن جي مدني مرڪزن بنام "فيضانِ مدينه" ۾ مدني تربيت گاهون قائم آهن جن ۾ ويجھو پري کان اچڻ وارا اسلامي ڀائر قِيام ڪندا آهن ۽ عاشقانِ رسول جي صحبت ۾ سُنَّتن جي تربيت حاصل ڪري آس پاس ۽ پنهنجي علائقن ۾ واپس وڃي ’’نيڪي جي دعوت‘‘ جون ڌومون مچائيندا آهن۔ مدني تربيت