Book Name:Imam e Azam ka Taqwa

(امام اعظم رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه) جي عقل برابر ناهي۔ حضرت بَڪر بن حُبَيش رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه چيو: جيڪڏهن (امام) ابُو حنيفه جو عقل ۽ سندن زماني وارن جا عقل گڏ ڪيا وڃن ته انهن سڀني عقلن جي مجموعي تي سندن عقل غالب اچي ويندو۔ (الخيرات الحسان،الفصل العشرون ،ص۶۲،از فتاويٰ رضويه۱/۱۴۸) جهڙي طرح ذهانت وفطانت ۾ پاڻ رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جو ڪو ثاني نه هو اهڙي طرح پاڻ رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه تقويٰ وطهارت، عِبادت و رِياضت ۽ خوف وخشيت ۾ به بي مثال هئا، پاڻ رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جي زُهد و تَقويٰ، عِبادت و رِياضت جي گواهي ڪيئي جَلِيلُ الْقدر بُزرگانِ دين پڻ ڏني آهي، اچو! هن باري ۾ ڪجھ عالم سڳورن جا اقوال ٻڌون ٿا:

حضرتِ عبدُالله بن مُبارَڪ رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: هڪ ڀيرو مان ڪوفي ويس ۽ اتي جي ماڻهن کان پڇيو: هتي سڀ کان وڏو زاهد ۽ عابد ڪير آهي؟ ماڻهن چيو: امامِ اعظم ابُوحنيفه (رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه) حضرت ابنِ مُبارَڪ رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه وڌيڪ فرمائن ٿا: مون امام اعظم رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه کان وڌيڪ پرهيزگار ڪنهن کي نه ڏٺو، توهان اهڙي شَخْص جي ساراھ ڪرڻ جي ڇا قدرت رکو ٿا، جن جي سامهون ڪافي مال پيش ڪيو ويو پر اُنهن ان مال جي ڪا پرواھ نه ڪئي، ان سبب انهن کي دُرن سان ماريو ويو، پاڻ رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه آسائش و تڪليف ٻئي حالتون الله عَزَّ وَجَلَّ جي عِبادت ۾ گُذاريون ۽ ان شيء کي ڪڏهن قبول نه ڪيو جنهن جي لاءِ ماڻهو