Book Name:Imam e Azam ka Taqwa

کائڻ ۽ تحفي قبول ڪرڻ واري جو انهن جي خُوشامد ڪرڻ ۽ خوامخواه ها ۾ ها ملائڻ کان بچڻ نهايت ئي مشڪل هوندو آهي۔ حديث شريف ۾ ارشاد آهي؛ ''جيڪو ڪنهن غَني (يعني مالدار) جي ان جي مالداري جي سبب تواضُع ڪري ان جو اڌ دين ويندو رهيو۔ (ڪشف الخفاء ج۲ص۲۱۵ حديث ۲۴۴۲،ملتقطاً) اعليٰحضرت، امام اهلسنَّت مولانا احمد رضا خان رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه هن حديثِ پاڪ جي تَحت فرمائن ٿا: ” دنياوي مال جي لاءِ تواضُع الله عَزَّ وَجَلَّ جي خاطِر عاجزي ڪرڻ ناهي (ان ڪري) اها حرام ٿي۔“ (ذَيلُ المُدَّعالِاحسنِ الوِعاء ،ص۶۶،ملخصاً)

کيوں پِھريں شوق میں ہم مال کے مارے مارے

ہم تو سرڪار کے ٹکڑوں پہ پَلا کرتے ہيں

 (وسائلِ بخشش مُرمّم، ص:294)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

خوشامَد جي مذمّت

معلوم ٿيو ته ڪنهن دُنيادار جي بِلا اجازتِ شَرعي صرف اُن جي دولت جي سبب عاجزي ڪرڻ حرام آهي۔ افسوس صد ڪروڙ افسوس! اهو گُناھ اڄڪل تمام گھڻو عام آهي۔ ’’مالدار ماڻهو‘‘ عام ماڻهن جي لاءِ باعِثِ امتحان ٿيندو آهي ڇو ته دولت جي ڪثرت جي سبب اُن جو هڪ خاص رُعب هوندو آهي جيتوڻيڪ اهو هڪ ’’پُھوٽي بادام کوٽو سڪو‘‘ تائين نه ڏئي پوءِ به نفسياتي اثر سبب مَغْلُوب ٿي هروڀرو ان سان عاجزاڻي ۽ خُوشامداڻي انداز سان ماڻهو پيش ايندا آهن۔ سرڪارِ اعليٰ حضرت جا والِد سڳورا حضرتِ علامه موليٰنا نقي