Book Name:Imam e Azam ka Taqwa

جي ديوارن ۽ ڏاڪڻ جي ڪنڊن وغيره کي پان جي ٿُڪن سان خراب ڪري ڇڏيندا آهن. اهڙي طرح بنا اجازت جي ڪنهن جي گھرن ۽ دڪانن جي ديوارن ۽ دروازن ۽ پڻ سائن بورڊن، بسن وغيره جي ٻاهر يا اندر اسٽيڪرز ۽ پوسٽر لڳائڻ وارا، ديوارن جي مالڪ جي اجازت کان بغير چاڪنگ ڪرڻ وارا به درس حاصل ڪن، ائين ڪرڻ سان ماڻهن جا حق ضايع ٿين ٿا، بيشڪ حُقوقُ الله ئي عظيم تر آهن پر توبهه جي حوالي سان حُقوقُ العِباد جو معاملو حُقوقُ الله کان وڌيڪ آهي، دنيا ۾ جنهن جو حق ضايع ڪيو هجي جيڪڏهن ان سان معافي تلافي جي ترڪيب دنيا ۾ نه ٿي ته قيامت جي ڏينهن ان حق واري کي نيڪيون ڏيڻيون پونديون. جيڪڏهن انهي طرح به حق ادا نه ٿيو ته ان جا گناهه پنهنجي ذمي کڻڻا پوندا. مثلاً جنهن بلا عُذر شرعي ڪنهن کي ڇڙٻ ڏني هوندي، ڪاوڙ ۾ ڏسي ڪنهن کي ڊيڄاريو هوندو، دل ڏکائي هوندي، ڪنهن کي ماريو هوندو، ڪنهن جا پيسا ڦٻايا هوندا، ٿُڪ، پوسٽر يا چاڪنگ وغيره جي ذريعي ڪنهن جي ديوار خراب ڪئي هوندي، ڪنهن جي دڪان يا گھر جي سامهون جڳھ گھيري ان جي لاءِ ناحق پريشاني جو سبب بڻيا هوندؤ، ڪنهن جي جڳهه جي ويجھو پنهنجي غير واجبي جڳهه زبردستي بڻائي ان جي روشني ۽ هوا ۾ رنڊڪ وڌي هوندي، ڪنهن جي اسڪوٽر يا ڪار وغيره کي پنهنجي گاڏي سان ڊينٽ وڌي يا رهڙ لڳائي وٺي ڀڳا هوندؤ، يا ڀڄي نه سگھڻ جي صورت ۾ پنهنجو قُصور هجڻ باوجود پنهنجي چرب زباني يا رُعب سبب سامهون واري کي مُجرم باور ڪرائي ان جي حق تلفي ڪئي هوندي. مطلب ته ماڻهن جا حق ضايع ڪندڙ ڀلي نمازون، حج، عمرا، خيراتون، ۽ وڏيون وڏيون نيڪيون کڻي اچي، پر قيامت جي