Book Name:Imam e Azam ka Taqwa

۽ پاڻ رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه غش ٿي زمين تي تشريف فرما ٿيا، ڪجھ دير کان پوءِ جڏهن هوش آيو ته حضرت مِسْعَر بن ڪدام رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه عرض ڪيو ته هڪ ڇوڪري جي ڳالھ سبب اوهان ايتري قدر ڇو گھٻرائجي ويا؟ ارشاد فرمايائون: ڪهڙي خبر ان جو آواز غيبي هدايت هجي۔

 (اَلْمَناقِب لِلْمُوَفَّق ،الجز ء الثاني ،ص۱۴۸)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن واقعي کي ٻڌي اهو تصوُّر به نٿو ڪري سگھجي ته امامِ اعظم رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه ڄاڻي واڻي ان ڇوڪري جي پَير تي پير رکيو هوندو، بي خيالي ۾ ٿيڻ واري فِعل تي به پاڻ رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه خوفِ خدا جي سبب بي هوش ٿي ويا ۽ هڪ اسان آهيون جو ڄاڻي واڻي خبر ناهي ڪيترن کي طرح طرح سان اِيذا پهچايون ٿا، ڪڏهن ان کي ڇڙٻ ڏني يا ان کي ذليل ڪيو، ان جي غيبت ڪري ڇڏي ان تي تهمت لڳائي ڇڏي، اُن کي ماريو، ان تي چڙھائي ڪري ڇڏي، مطلب ته! ٻين کي اِيذاء پهچائڻ وارا ٿورو سوچين! جيڪڏهن قِيامت جي ڏينهن انهن شين جو حساب ڏيڻو پئجي ويو ته ڇا ٿيندو! هتي هن دنيا ۾ ڪنهن کي تڪليف ڏيڻ ته نهايت ئي آسان لڳي ٿو پر ربُّ العزّت جي ناراضگي واري صورت ۾ آخِرت ۾ اهو گھڻو ڏکيو پئجي ويندو، اهڙا ماڻهو سخت عذاب جو شڪار ٿيندا، منقول آهي ته جهنَّم ۾ انهن تي خارش مُسَلَّط ڪئي ويندي اهي ايتري ته خارش ڪندي جو انهن جو گوشت پوست سڀ ڇڻي ويندو ۽ صرف هڏيون رهجي وينديون، ان وَقْت پُڪار ٿيندي: اي فُلاڻا! ڇا تو کي تڪليف ٿئي