Book Name:Masjid kay Aadab (Haftawar Bayan)

دين جي لاءِ چونڊيندو آهي ان کي فهم وفراست سان نوازيندو آهي، پيڪرِ خوف وخَشيّت، سراپا اَدب ومحبّت، اعليٰ حضرت، امام اهلسُنَّت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هن مسئلي جو اهڙو ته سهڻو حل ڪڍيو جو جنهن کي ڏسي هر مسجد جو ادب ڪرڻ وارو حيران ٿي ويندو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي اوڍڻ يعني پائڻ واري سَوَڙ کي ويڙهي ٿلهو ڪيو ۽ ان تي ويهي وضو ڪيو ۽ سڄي رات ان سيءَ ۾ جاڳندي گذاري، پر وضو جي پاڻي جو هڪ ڦڙو به مسجد جي فرش تي ڪرڻ نه ڏنو۔ (فیضانِ اعلیٰ حضرت،باب عادات مبارکہ ومعمولات،ص۱۲۱، بتغیر )

مسجد جي ادب جون مختلف صورتون

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل واقعي سان اندازو لڳايو ته اعليٰ حضرت،امامِ اهلسُنَّت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي دل ۾ مسجد جي ادب ۽ احترام جو ڪهڙو نه جذبو هو جو برسات ۽ سخت سيءَ واري رات ۾ پاڻ ته تڪليف برداشت ڪئي پر مسجد ۾ پاڻي جو هڪ ڦڙو به ڪرڻ نه ڏنو، پر افسوس اسان جي معاشري ۾ وڏو تعداد اهڙو آهي جيڪو مسجد جي آداب کان بي خبر آهي، عام طور ماڻهو وضو ڪرڻ کان پوءِ مسجد جي فراسين ۽ فرش تي آلن پيرن جا نشان ڪندي، هٿن ۽ چهري تان پاڻي جي قطرا ڪرائيندا ويندا آهن، ياد رکو وضو وارن عضون مان پاڻي جا قطرا مسجد تي ڪرائڻ ناجائز ۽ گناھ آهي۔ (بہارِ شریعت، ۱/۶۴۷) ائين رَمَضانُ المُبارڪ ۾ اعتڪاف ڪرڻ وارا ڪي ماڻهو مسجد جو احترام نه ڪندي خوب ڪچهريون، ٽهڪ، پان، گٽڪا کائيندا آهن ۽ مسجد جي ڪنڊ ۾ٿڪندا نظر ايندا آهن، ڪڏهن مسجد جي فراسين جا ڌاڳا به ڪڍندا آهن، اهڙي طرح مسجد جو تَقَدُّس پامال ٿيندو آهي، مسجد کي صاف سٿرو رکڻ جو ته الله تَعالٰي   حڪم ارشاد فرمايو آهي جيئن سيپاري 1سُوْرَۃُ الْبَقَرہ  جي آيت نمبر 125 ۾ ارشاد آهي: