Book Name:Masjid kay Aadab (Haftawar Bayan)

ان کي روزانو رات جي وقت پائيندا هئا ۽ ارشاد فرمائيندا هئا: اَلتَّزَیُّنُ لِلّٰہِ تَعَالٰی اَوْلٰی مِنَ التَّزَیُّنِ لِلنَّاسِ    يعني الله عَزَّوَجَلَّ  جي لاءِ زينت اختيار ڪرڻ، ماڻهن جي لاءِ زينت اختيار ڪرڻ کان بهتر آهي. (تفسیرروح البیان ،پ ۸، الاعراف، تحت الآیۃ: ۳۱، ۳/۱۵۴)

          مسجِد جي حاضِري جي لاءِ زينت اختيار ڪرڻ جو ته الله عَزَّوَجَلَّ به حڪم ارشاد فرمايو آهي جيئن سيپاري 8 سُوْرَۃُ الْاَعْراف آيت نمبر 31 ۾ ارشاد آهي؛

يَا بَنِي آدَمَ خُذُوا زِينَتَكُمْ عِنْدَ كُلِّ مَسْجِدٍ

 

ترجمو ڪنزالايمان: اي آدم جِي اولاد پنهنجي سِينگار کي وٺو، جڏهن مسجد ۾ وڃو.

نَماز جي لاءِ عطر لڳائڻ مُستَحب آهي

صدرُالْاَ فاضِل حضرت علّامه مولانا سيِّدمحمد نعيم الدّين مُراد آبادي رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہ هن آيت سڳوري تحت لکن ٿا: يعني لباسِ زينت ۽ هڪ قول هي آهي ته ڦڻي ڪرڻ، خوشبو لڳائڻ زينت ۾ داخل آهي ۽ سنت هي آهي ته انسان بهتر ہَیئَت (يعني عُمده صُورت ۽ حالت) سان نماز جي لاءِ حاضر ٿئي، ڇوته نماز ۾ ربّ عَزَّ وَجَلَّ سان مناجات آهي ته ان جي لاءِ زينت ڪرڻ، عطر لڳائڻ مُستَحب آهي. (خَزائنُ العرفان ص۲۹۱)

مسجد ۾ ڳالهين جي بدبُو!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٿي سگھي ٿو ته ڪنهن جي ذهن ۾ اهو خيال اچي ته مان پنج ئي وقت پاڪ صاف ٿي خوشبو لڳائي مسجد ۾ ويندو آهيان ۽ مسجد جي شين وغيره کي به خراب نه ڪندو آهيان، ته اهڙي طرح