Book Name:Masjid kay Aadab (Haftawar Bayan)

رهندو آهي، اوهان به مسجدن کي آباد ڪرڻ ۽ علم دين سکڻ سيکارڻ جي لاءِ هن عظيم ڪم ۾ شامل ٿي رحمتِ خُداوَندي جا حقدار بڻجي وڃو ۔

 (6)     مدرسة المدينه بالغان جي ذريعي دُرست مخارج سان قرآنِ ڪريم پڙهڻ سيکاريو ويندو آهي ان جي برڪت سان به اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه  عَزَّوَجَلَّ مسجدون آباد رهنديون آهن.

 (7)     اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه  عَزَّوَجَلَّ  وقت بوقت مختلف ڪورسز (مثلاً 63 ڏينهن جو مدني تربيتي ڪورس، 41 ڏينهن جو مدني انعامات ومدني قافله ڪورس، ڪردار ساز12 ڏينهن جو مدني ڪورس) ۽ مختلف موقعن تي ٿيندڙ مدني مشورن ۽ تربيتي اجتماعن جي ذريعي ڪثير عاشقان رسول مسجدن کي آباد رکڻ جي سعادت حاصل ڪندا آهن.

رِسالو مسجدن جا آداب جو تعارف

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مسجدن جي عنوان سان مسجدن جي باري ۾ هڪ عظيم الشان معلوماتي رسالو ”مسجدن جا آداب“ مڪتبة المدينه تان شايع ٿيو آهي اهو رسالو شيخِ طريقت،اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي مدني مذاڪري جي روشني ۾ نئين مواد سان ڪافي اضافي سان ترتيب ڏنو ويو آهي، اهو رسالو مختلف سوالن تي نهايت ئي پياري ۽ احسن انداز ۾ امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي طرفان ڏنل جوابن جو انمول مدني گلدستو آهي، هن مدني گلدستي جا رنگ برنگي مدني گل مختلف خوشبوئون ڦهلائي رهيا آهن، هن رسالي ۾ ڏنل سوالن جون ڪيئي جھلڪيون ٻڌون ٿا ته جيئن هن عظيم الشان رسالي کي حاصل ڪرڻ، پاڻ