Book Name:Masjid kay Aadab (Haftawar Bayan)

إِنَّمَا يَعْمُرُ مَسَاجِدَ اللَّهِ مَنْ آمَنَ بِاللَّهِ وَالْيَوْمِ الْآخِرِ                      (پ ۱۰ ،التوبہ :۱۸)

 

ترجمو ڪنزالايمان: الله جُون مسجدُون ته فقط اُهي ئِي آباد ڪندا آهِن جيڪِي الله ۽ قِيامَت تي اِيمان رکن (ٿا).

 

(سنن ترمذی ، کتا ب الایمان ، با ب ماجا ء فی حرمۃ الصلوۃ ،رقم ۲۶۲۶ ،ج ۴، ص ۲۸۰)

مُفَسِّرِ شَهير، حڪيمُ الامَّت مُفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه تفسيرِ نعيمي ۾ فرمائن ٿا؛ خيال رهي ته مسجد کي آباد ڪرڻ جون يارهن (11) صورتون آهن؛ (1) مسجد ٺهرائڻ (2) ان ۾ اضافو ڪرڻ (3) ان کي ڪشادهه ڪرڻ (4) ان جي مرمت ڪرڻ (5) ان ۾ فراسيون، فرش ۽ غاليچو وڇائڻ
(6) ان ۾ رنگ روغن ڪرڻ (7) ان ۾ روشني ۽ زينت ڪرڻ (8) ان ۾ نماز ۽ تلاوت قرآن ڪرڻ (9) ان ۾ ديني مدرسو قائم ڪرڻ (10) ان ۾داخل ٿيڻ، اتي اڪثر اچڻ وڃڻ رکڻ (11) اتي اذان ۽ تڪبير چوڻ، امامت ڪرڻ (تفسیرنعیمی، ج۱۰، ص۲۰۱) وڌيڪ فرمائن ٿا؛ مسجد ٺاهڻ واري يا ان کي آباد ڪرڻ يا اتي باجماعت نماز ادا ڪرڻ جو شوق صحيح مؤمن جي نشاني آهي،
اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اهڙن ماڻهن جو ايمان تي خاتمو ٿيندو. (تفسیر نعیمی، ج۱۰،ص۲۰۴)

مسلماں ہے عطاؔر تیری عطا سے

ہو ایمان پر خاتمہ یا اِلٰہی

(وسائل بخشش،ص۱۰۵)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مَسجدن جي آبادڪاري ۽ دعوت اسلامي

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان! مسجد ۾ رهي ڪري باجماعت نماز ادا ڪرڻ، ذڪر الله ۽ علم دين سِکڻ سيکارڻ جي ذريعي ان کي آباد ڪرڻ