Book Name:Masjid kay Aadab (Haftawar Bayan)

علم دين حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو اتي مون کي ٻيون برڪتون به نصيب ٿيون. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ انهن ٽن ڏينهن ۾ مون کي انجيڪشن جي حاجت پيش نه آئي نه ڪنهن ڊاڪٽر وٽ وڃڻو پيو بلڪ مدني قافلي ۾ اهڙو اطمينان ۽ سڪون مليو جو ان کان پهريان ڪڏهن نه مليو هو،

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ   مدني قافلي جي برڪت سان منهنجي 19 سالن جي پراڻي مرض ۾ واضح ڪمي آئي، هاڻي مون نيّت ڪئي آهي ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هر مهيني ٽن ڏينهن جي مدني قافلي ۾سفر ڪندس.

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مسجد ۾ داخل ٿيڻ جي ممانعت.

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! پاڳلن، ٻارن ۽ نشي ۾ مدهوش ماڻهن جو مسجد ۾ اچڻ به مسجد ۾ ٿيندڙ برائين مان آهي، ان سان به مسجد جو تقدس برباد ٿئي ٿو، شيخ طريقت، امير اهلسنت باني دعوتِ اسلامي حضرتِ علامه مولانا ابُوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ فيضانِ سُنَّت، جلداَوَّل، صفحي 1220 تي لکن ٿا:

اهڙو ٻار جنهن مان نجاست (پيشاب وغيره) جو خطرو هجي ۽ پاڳل کي مسجد جي اندر وٺي وڃڻ حرام آهي جيڪڏهن نجاست جو خطرو نه هجي ته مڪروهه۔ (ردالمحتار،۲/ ۵۱۸) صفحي1221 تي فرمائن ٿا: ٻار يا پاڳل
(
يا بيهوش يا جنهن تي جِنّ آيو هجي ان) کي دم ڪرائڻ جي لاءِ به مسجد ۾ وٺي وڃڻ جي شريعت ۾ اجازت ناهي۔ ننڍي ٻار کي چڱيءَ طرح ڪپڙي ۾ ويڙهي بلڪه ”پيڪنگ“ ڪري به نه ٿا آڻي سگهو۔