Book Name:Masjid kay Aadab (Haftawar Bayan)

ان ڪري سرڪار عَلَیْہِ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام اُمِّ مِحجن رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جي قبر تي تشريف وٺي وڃي جنازي نماز ادا ڪئي ۽ جڏهن ان کان افضل عمل جي باري ۾پڇيو ته انهن مسجد جي صفائي کي افضل عمل ٻڌايو.

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان کي به مسجدن کي پاڪ ۽ صاف رکڻ گھرجي، ڇوته مسجد جي صفائي ڪرڻ وارو الله عَزَّ وَجَلَّ  جو محبوب هوندو آهي، حديث شريف ۾ آهي؛ ”مَنْ اَلِفَ الْمَسجد اَ لِفَهُ اللهُ جيڪو مسجد سان مَحَبَّت ڪندو آهي، الله  عَزَّ وَجَلَّ  ان کي پنهنجو محبوب ٺاهيندو آهي“۔

 (مجمع الزوائد ،کتا ب الصلوۃ ، باب لزوم المساجد ، رقم ۲۰۳۱ ،ج ۲، ص ۱۳۵) 

مسجد جي صفائي ڪرڻ وارا ۽ ان ۾ رهي الله عَزَّ وَجَلَّ جي عبادت ۽ رياضت ڪرڻ وارا وڏا خوش نصيب آهي، يقيناً مسجد اللہ  عَزَّ وَجَلَّ جي نهايت ئي پياري نعمت ۽ شيطان جي حملن کان بچڻ جي لاءِ زبردست رڪاوٽ آهي جيئن حضرتِ سيِّدُناعبدُ الرّحمٰن بن مَعقِل رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا؛ اسان کي ٻڌايو ويندو هو ته اَلْمَسْجِدُ حِصْنٌ حَصِینٌ مِّنَ الشَّیْطٰن يعني مسجد شيطان کان بچڻ جي لاءِ هڪ مظبوط قلعو (ڪوٽ) آهي۔  (مُصَنَّف ابن اَبی شَیْبہ رقم ۴،ج۸ ص۱۷۲)

مسجِد جي حيرت انگيز رونقون

          پر افسوس صَد ڪروڙ افسوس! اڄوڪي زماني ۾ شيطان جي شر کان بچڻ جي مسجدن ۾عبادت ۽ تلاوت ڪرڻ وارا نهايت گھٽجي ويا آهن، بلڪ هاڻي ته مَعَاذَ اللہ عَزَّ وَجَلَّ  مسلمانن جي حالت ايتري ته خراب ٿيندي پئي وڃي جو نماز جي وقتن۾مسجدون ويران نظر پيون اچن، جڏهن ته چوڪ، بازار، سينيما گھر ۽ تفريحي مهاڳ تي رش نظر ايندو آهي، مؤذن ڏينهن ۾