Book Name:Masjid kay Aadab (Haftawar Bayan)

مسجد ۾ هلڻ مهل پيرن جوڌمڪ(يعني آواز) پيدا نه ٿئي ۽ لٺ (WALKING STICK)، ڇٽي، هٿ جو پکو، چَپّل، ٿيلهو (BAG) ٿانوَ وغيره ڪا به شيء اهڙي طرح نه رکو جو آواز پيدا ٿئي جيڪڏهن موبائل فون هجي ته مسجد ۾ ان جي گھنٽي به بند رکو، افسوس! اڄڪلھ ان جو احتياط تمام گھٽ ڪيو ويندو آهي ايستائين جو مسجد الحرام ۾ به اهو به عين خانه ڪعبه جي طواف ۾ ماڻهن جي موبائل فون جون گھنٽيون بلڪ مَعَاذَاللہ  عَزَّوَجَلَّ ميوزيڪل ٽيونز (Musical Tunes) وڄنديون رهنديون آهن حالانڪ ميوزيڪل ٽيون ته مسجد جي علاوه به ناجائز ۽ گناھ آهي.( ته مسجد ۾ ته حڪم ويتر وڌيڪ سخت آهي.)

12مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم مدني قافلن ۾ سفر ڪرڻ به آهي

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! سُنَّتن جي خدمت جي لاءِ دعوت اسلامي جي مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺو۔ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”مدني قافلي ۾ سفر ڪرڻ“ به آهي، اَمِيرُالمؤمنين حضرت سَيِّدُنا عُمرفَاروقِ اَعظَم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ فرمائن ٿا؛ مان ۽ منهنجو هڪ انصاري پاڙي وارو بَنُو اُمَيّه بن زيد (جي پاڙي) ۾ هئا سين، جيڪو مديني شريف جي بلندي تي هو اسان واري واري سان سرڪارِ والا تَبار،شفيعِ روزِ شُمار صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيندا هئاسين، هڪ ڏينهن اهي مديني شريف ويندا ۽ واپس موٽي ان ڏينهن جي وحي جو احوال مون کي ٻڌائيندا ۽ هڪ ڏينهن مان ويندو هئس ۽ موٽي ان ڏينهن جي وحي جي خبر جو حال ان کي ٻڌائيندو هئس۔ (صَحیح بُخاری ج ۱ ص۵۰حدیث۸۹)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيئن ته اسان ٻڌو مدني قافلي ۾ سفر ڪري به مسجدن کي آباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي مدني قافلي ۾