Book Name:Masjid kay Aadab (Haftawar Bayan)

بيان جو خلاصو

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اڄ جي بيان ۾ اسان مسجد کي پاڪ ۽ صاف رکڻ ان جو اَدب واحترام ڪرڻ بابت اسلاف ڪرام جا واقعات ٻڌا.

v         اعليٰ حضرت،امامِ اهلسُنَّت، مُجدِّدِ دين و مِلّت، پروانه شمع رسالت، مولانا شاھ امام احمدرضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو مسجد جي نرالي ادب واحترام وارو ايمان افروز واقعو ٻڌوسين.

v        مسجد جي صفائي تي مديني شريف جي عورت کي اهڙو انعام مليو جو سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان جي قبر تي تشريف کڻي ان جي جنازي نماز پڙهي۔

v        مسجد ۾ ڪثرت سان آمد ورفت رکڻ واري خوشنصيب جي باري ۾ حديث شريف ۾ ارشاد فرمايو ويو ته ان جي ايمان جي شاهدي ڏيو.

v        اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جي مختلف مدني ڪمن جي ذريعي به مسجدن کي آباد رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي.

v        مسجد ۾ فُضُول ڳالهيون، کلڻ، ڪڏڻ، گوڙ شور ڪرڻ، بدبودار شيون کڻي اچڻ يا پاڻ جسم يا وات ۾ بدبو هئڻ باوجود اچڻ، موبائل فون جي گھنٽي يا ميوزڪل ٽيون وڄائڻ ۽ خريد وفروخت وغيره سڀئي ڪم منع ۽ مسجد جي آدبن جي خلاف آهن ۔

v        جيڪڏهن ماضي ۾ اسان به اهڙي ڀُل ڪري چڪا آهيو ته پنهنجي رب عَزَّ وَجَلَّ  جي بارگاھ ۾ شرمسار ٿي توبه ڪيون ۽ آئنده انهن برائين کان بچڻ جي ڪوشش به ڪيون، الله اسان کي عمل جي توفيق عطا فرماءِ.

اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم