Book Name:Masjid kay Aadab (Haftawar Bayan)

(Read) به سگھجي ٿو ۽ ڊائون لوڊ (Download) به ڪري سگھجي ٿو ۽ پرنٽ آوٽ (Print Out) به ڪري سگھجي ٿو۔

مجلس خُدَّامُ المساجد جو تَعارُف:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مَسجدن جي اهميت ۽ ادب واحترام دل ۾ وڌائڻ جي لاءِ، باجماعت نماز جي عادت بڻائڻ، سنتن تي عمل جو جذبو پائڻ، نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ، مدني قافلن ۾ سفر ڪرڻ، مدني انعامات تي عمل ڪرڻ ۽ ٻين کي ترغيب ڏيارڻ جو ذهن ڏيڻ جي لاءِ دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ دين جي ڪمن ۾ترقي جيترو ٿي سگھي، دعوت اسلامي سان تعاون ڪيو، دعوت اسلامي اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ڪم و بيش 100 شعبن ۾ مدني ڪم ڪري رهي آهي، انهن مان هڪ شعبو خدام المساجد به آهي، هن شعبي جو قيام شيخِ طريقت، اميرِ اَهلسنّت
دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ  جي هن خواب جي تڪميل آهي ته اي ڪاش! اسان جون مسجدون آباد ٿي وڃن، انهن جون رونقون موٽي اچن ۽ نفس و شيطان جي ڪري مخلوق جيڪا پنهنجي خالق عَزَّ وَجَلَّ  کان پري ٿي آهي ويجھو ٿي وڃي۔

مجلس’’خُدَّامُ الْمَسَاجِد‘‘ پراڻين مَسجِدن کي آباد ڪرڻ جي ڪوشش سان گڏوگڏ نئين مسجدن جي تعمير جي لاءِ به ڪوشش ڪندي رهندي آهي، هن حوالي سان مسجدن جي تعمير وغيره جو سلسلو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ جاري رهندو آهي، جن علائقن يا شهرن۾ مسجن جي ضرورت هوندي آهي، مَجلس خدّامُ المساجد جا ذميدار اتي جي علائقي يا شهر يا ڪابينه جي مشاورت جي نگران جي ذريعي دارالافتاءاهلسنَّت کان شرعي رهنمائي وٺي جڳھ (Plot) حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۽ مالدار ماڻهن کان تعمير جي ترڪيب ڪندا آهن۔