Book Name:Masjid kay Aadab (Haftawar Bayan)

ترجمو ڪنزالايمان: پنهنجي ربّ جي واٽ جي طرف سڏ پڪي سمجهه ۽ چڱي نصيحت سان“ ۽ بخاري شريف (حديث:4361) جي هن فرمانِ مصطفيٰ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: بَلِّغُوۡا عَنِّيۡ وَلَوۡ آيَة يعني ”منهنجي طرفان پهچايو جيتوڻيڪ هڪ ئي آيت هجي“ ۾ ڏنل احڪام جي پيروي ڪندس * نيڪي جو حڪم ڏيندس ۽ بُرائي کان منع ڪندس * شعر پڙهڻ، عربي، انگريزي ۽ ڏکيا لفظ ڳالهائڻ دؤران دل جي اخلاص تي توجُّھ رکندس يعني پنهنجي علميت جو ڌاڪو ويهارڻ مقصود ٿيو ته ڳالهائڻ کان بچندس * مَدَني قافلي، مَدَني انعامات ۽ علاقائي دوره براءِ نيڪي جي دعوت وغيره جي رغبت ڏياريندس * ٽهڪ ڏيڻ ۽ ڏيارڻ کان بچندس * نظر جي حفاظت بڻائڻ جي خاطر حتي الامڪان نگاهون جهڪائي رکندس ۔

امامِ اهلسُنت ۽ مسجد جو ادب

رمضان جو برڪت ڀريو مهينو هو ۽ هِند جي تاريخي شهر بريلي شريف ۾ زوردار مينهن وسي رهيو هو، ٻيو ته سيءُ به گھڻو هو، ماڻهو گرم ڪپڙا پائي  ۽ گرم بسترن ۾ هئا پر اعليٰ حضرت،امامِ اهلسُنَّت، مُجدِّدِ دين و مِلّت، پروانه شمع رسالت، مولانا شاھ امام احمد رضا خان عَـلَيْهِ رَحْمَةُ الـرَّحْمٰنْ فيضانِ رمضان مان فيضياب ٿيڻ جي لاءِ مسجد ۾ معتڪف هئا، هر لمحو ياد خدا ۽ ذڪر مصطفيٰ ۾ گذري رهيو هو، ماڻهو مغرب جي نماز پڙهي وڃي چڪا هئا ۽ گھڙيال جو ڪانٽو عشاء جو وقت ويجھو ٿيڻ جي خبر ڏئي رهيو هو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي نماز عشاء جي وضو جي ڳڻتي ٿي، پر اتي برسات جي ٿڌي پاڻي کان بچي وضو ڪرڻ جي ڪا جڳھ ميسر نه هئي، مسجد ۾ ڪن ٿا ته مسجد جو فرش مستعمل پاڻي سان آلو ٿي ويندو ۽ ٻاهر به نٿا وڃي سگھن، هاڻي ڇا ڪن! پر جنهن کي الله عَزَّوَجَلَّ پنهنجي