Book Name:Masjid kay Aadab (Haftawar Bayan)


وَ عَہِدۡنَاۤ اِلٰۤی اِبۡرٰہٖمَ وَ اِسۡمٰعِیۡلَ اَنۡ طَہِّرَا بَیۡتِیَ لِلطَّآئِفِیۡنَ وَ الۡعٰکِفِیۡنَ وَ الرُّکَّعِ السُّجُوۡدِ ﴿۱۲۵﴾        

                (پ۱،البقرة:۱۲۵)

 

ترجمو ڪنزالايمان:   ۽ اسان ابراهيم ۽ اسماعيل (عَـلَـيْهِما السَّلَام) کي تاڪيد ڪيو ته منهنجي گھر کي طواف ڪندڙن ۽ اعتڪاف وارن  ۽  رڪوع  (۽) سجدو ڪرڻ وارن لاءِ چڱيءَ  طرح پاڪ  ڪريو۔

 

مُفَسِّرِ شَهير، حڪيمُ الاُمَّت مُفْتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هن آيت سڳوري جي تحت لکن ٿا ؛ ان مان معلوم ٿيو ته مسجدن کي پاڪ ۽ صاف رکيو وڃي، اتي گندگي ۽ بدبودار شيء نه آندي وڃي۔

 (نور العرفان،پ ۱، البقرة، تحت الآیة:۱۲۵)

مسجدوں کا کچھ ادب ہائے!نہ مجھ سے ہو سکا

ازطفیلِ مُصطفیٰ فرما اِلٰہی درگزر

(وسائلِ بخشش ص 637)

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                                 صَـلَّـی اللهُ   تَعالٰـی عَلـٰی   مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! يقيناً اها اسان سڀني جي ذميداري آهي ته قرآني حڪم تي عمل ڪندي مسجدن کي هر طرح جي گندگين ۽ بدبودار شين کان بچائي صاف سٿرو رکون، حديثن مبارڪن ۾ اسان کي هن ڳالھ جو حڪم ملي ٿو جيئن حضرت سَيِّدُنا اَنَس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته حُضُورنبي رَحمت، شفيع امت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو ته مسجدن ۾ گندگي، پيشاب ۽ پاخاني جهڙي ڪا شيء جائز ناهي، اهي مسجدون ته تلاوت قرآن، الله تعاليٰ جي ذڪر ۽ نماز جي لاءِ آهن.

  (مسند امام احمد،۴/۳۸۱،حدیث:۱۲۹۸۳)

هڪ ٻئي هنڌ تي ارشاد فرمايو ته مسجدون ٺاهيو۽ ان مان گرد وغبار ڪڍو، جيڪو الله عَزَّ وَجَلَّ جي رضا جي لا مسجد ٺاهيندو، الله عَزَّ وَجَلَّ   ان جي لاءِ جنت ۾ هڪ گھر ٺاهيندو، هڪ شخص عرض ڪيو؛