Book Name:Masjid kay Aadab (Haftawar Bayan)

آهي۔ ڪڏهن ته امام ۽ مؤذن کي به وات مان بدبوءِ اچڻ جو مرض ٿي ويندو آهي، ائين هجي ته انهن کي موڪل وٺي علاج ڪرائڻ گهرجي ڇو ته وات ۾ بدبوءِ هجڻ جي صورت ۾ مسجد جي اندر داخل ٿيڻ حرام آهي۔

افسوس! بدبودار وات وارا ڪيترائي ماڻهو مَعاذاللهعَزَّوَجَلَّ مسجد جي اندر معتڪف به ٿي ويندا آهن۔ رمضان المبارڪ ۾ ڪباب سموسا ۽ ٻيون تريل شيون ۽ قسم قسم جون سڻڀيون غذائون کائڻ جي سبب وات جي بدبوءِ جي مريضن ۾ اضافو ٿي ويندو آهي، ان جو بهتر علاج هي آهي ته سادي غذا اها به بُک کان گهٽ کائي ۽ هاضمو درست رکي۔ رُڳو وات جي ئي بدبوءِ نه ، بلڪ هر قسم جي بدبوءِ کان مسجد کي بچائڻ واجب آهي۔

تنهن ڪري مسجد جي آداب کي پيش نظر رکندي صاف سٿرو لباس پائي، خوشبو لڳائي مسجد ۾ حاضر ٿيڻ گھرجي، ٿورو غور ڪيو ته جيڪڏهن اسان کي حڪمرانن، وزيرن، افسرن يا ڪنهن وڏي ماڻهو وٽ وڃڻو هجي ته صاف سٿرو لباس پائيندا آهيون عمامو چادر صحيح ڪري خوشبو لڳائيندا آهيون پر مسجد ۾ وڃڻ جي لاءِ اهڙو اهتمام نه ڪندا آهيون، جڏهن ته الله عَزَّ وَجَلَّ  ته سڀني بادشاهن جو بادشاھ آهي ان جي عظمت ۽ شان ته سڀني کان بلند آهي .

سيِّدُنَا اِمَامِ اَعظَم جو قيمتي عِمامو ۽ لِباس

          مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل 517 صفحن تي مشتمل ڪتاب عمامہ کے فضائل صفحي 184 تي آهي حضرت سيّدُنا امامِ اَعظم ابُو حنيفه رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ رات جي نماز جي لاءِ هڪ قيمتي لباس سبرايو هو، جنهن ۾ قميص، عمامو، چادر ۽ شلوار هئي، ان جي قيمت 1500 دِرهَم هئي، پاڻ رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ