Share this link via
Personality Websites!
ماڻهو مَعَاذَاللہ عَزَّ وَجَلَّ فحش گفتگو تائين ڪندا آهن، هن قسم جي بي حرمتي عام طور مسجد ۾ نڪاح يا ٽيجھي وغيره جي محفل ۾ ٿيندي آهي، ڪي ماڻهو ته نڪاح جا معاملا يا قرآن پاڪ جي تلاوت ۾ مصروف هوندا آهن ۽ ڪي ماڻهو ڪنهن ڪنڊ ۾ پنهنجي ڪچهري جي محفل سجائيندا آهن، پوءِ فُضُول ڳالهين، غيبتن، چُغْلين مذاق مسخري ۽ ٽهڪن جو اهڙو سلسلو شروع ٿيندو آهي جو اَلْاَمَان وَالْحَفِیْظ ۔ خدارا ڪجھ خوف ڪيو! اسان جو طرزِ عمل اسان جي دنيا ۽ آخرت کي برباد ڪري سگھي ٿو، اهڙن ماڻهن جي خلاف مسجد پاڻ الله عَزَّ وَجَلَّ جي بارگاھ ۾ فرياد ڪندي آهي، روايت آهي ته هڪ مسجد پنهنجي رب عَزَّوَجَلَّ جي بارگاهه ۾ شڪايت ڪرڻ هلي ته ماڻهو مون ۾ دنيا جون ڳالهيون ڪندا آهن۔ فرشتا ان کي مليا ۽ چوڻ لڳا اسين انهن کي هلاڪ ڪرڻ لاءِ موڪليا ويا آهيون۔ (فتاوى رضويہ ج16 ص 312)
اچو! مسجد ۾ دنيوي ڳالهين ۽ مسجد ۾ کلڻ جي مذمت تي روايتون ٻڌون ٿا؛
(1) هڪ زمانو اهڙو ايندو جو ماڻهو مسجد ۾ دنيا جون ڳالهيون ڪندا ته ان وقت انهن ماڻهن وٽ توهان نه ويهو، الله عَزَّوَجَلَّ کي انهن ماڻهن جي ڪجھ پرواھ ناهي۔ (شعب الإيمان، باب في الصلٰوت، فصل المشي إلی المساجد، ۳/۸۶ ،حدیث: ۲۹۶۲)
(2) مسجد ۾ دنياوي ڳالھ ٻولھ نيڪين کي ائين کائي ڇڏيندي آهي جيئن چوپايا گاھ کي کائيندا آهن. (اتحاف السادة المتقین،کتاب اسرارالصلوة ومھماتھا،الباب الاول،۳/۵۰)
(3) مسجد ۾ کِلڻ قبر ۾ اونداهي (آڻيندو) آهي۔“
( الجامع الصغیر، فصل فی المحلی بأل من ھذاالحرف،۱/۳۲۲ ،حدیث:۵۲۳۱)
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! انهن سڀني وعيدن کي پيشِ نظر رکندي پاڻ کي هلاڪت کان بچايو ۽ مسجد جو ادب ڪندي انهي ڳالھ جو خيال رکو ته
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami