Book Name:Masjid kay Aadab (Haftawar Bayan)

يارسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمڇا مسجدون رستن تي ٺاهيون وڃن؟ اِرشاد فرمايو: ها ۽ ان مان گند ڪچرو صاف ڪرڻ حُورِعين جو مهر آهي۔  ( مجمع الزوائد،کتاب الصلوة ،باب بناء المسجد،۲ /۱۱۳،حدیث: ۱۹۴۹)  معلوم ٿيو ته مسجد جي صفائي ڪرڻ نهايت عظيم الشان ۽ فضيلت وارو ڪم آهي، اچو هن باري ۾ هڪ روايت ٻڌون ٿا؛

مسجد جي صفائي تي انوکو انعام

حضرت سيدنا عُبَيد بن مَرزُوق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته مديني شريف زَادَ ہَااللہُ شَرَفًاوَّ تَعۡظِیۡمًا ۾ هڪ عورت مسجد جي صفائي ڪندي هئي، جڏهن ان جي وفات ٿي ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ان جي باري ۾ خبر نه ڏني وئي، هڪ ڀيري حُضُورِ انور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان جي قبر جي ويجھو کان گذرندي پڇا ڪئي ته اها ڪنهن جي قبر آهي ته صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ عرض ڪيو؛ اُمِّ مِحۡجَنْ جي۔ ''فرمايائون؛'' هي اها آهي جيڪا مسجد جي صفائي ڪندي هئي ته صحابه ڪرام عرض ڪيو، ”جي ها“ ته پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ماڻهن کي ان جي قبر وٽ صف ٺاهڻ جو حڪم ڏنو ۽ ان جي جنازي نماز پڙهائي، پوءِ ان عورت سان مخاطب ٿيندي فرمايائون، تو ڪهڙو ڪم سڀ کان بهتر ڏٺو، صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُم عرض ڪيو، يارَسُول اللہ (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم)! ڇا اها ٻڌي رهي آهي، ارشاد فرمايائون؛ توهان هن کان وڌيڪ ٻڌڻ وارا نه آهيو، پوءِ رسول اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو ته هن عورت منهنجي سوال جي جواب ۾ چيو؛ مسجد جي صفائي کي (مون سڀني کان افضل عمل ڏٺو).  

  (الترغیب والترہیب ،کتاب الصلوۃ، الترغیب فی تنظیف المساجد وتطھیرھا الخ ، رقم ۴ ، ج ۱، ص ۱۲۲)