Book Name:Masjid kay Aadab (Haftawar Bayan)

سفر ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪرڻ وارا عاشقان رسول نه رڳو پاڻ مسجدن کي آباد ڪندا آهن، بلڪ ٻين مسلمانن کي به نيڪي جي دعوت جي ذريعي مسجدون آباد ڪرڻ جي ترغيب ڏيندا آهن، اچو ته اسان به هٿو هٿ مدني قافلي ۾ سفر جي ذريعي الله عَزَّ وَجَلَّ جي گھر ”مسجد“ کي آباد ڪرڻ جي نيت سان مدني قافلي ۾ سفر جي نيت ڪيون ٿا.

اسان کي به هر مهيني گھٽ مان گھٽ ٽن ڏينهن جي مدني قافلي ۾ ضرور سفر ڪرڻ گھرجي جتي اسان کي علم دين حاصل ڪرڻ جو موقعو ملندو اتي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو ثواب پڻ ملندو، مدني قافلي ۾ سفر جون گھڻيون برڪتون آهن، ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا۔

19سال پراڻو مرض ختم ٿي ويو

  بابُ المدينه (ڪراچي) جي علائقي ناظم آباد جي مقيم هڪ وڏي عمر جي اسلامي ڀاءُ مدني قافلي مان حاصل ٿيڻ وارين برڪتن جو ڪجھ ائين تذڪرو ڪيو آهي ته مان تقريباً 19 سالن کان ساھ جي مرض ۾ مبتلا هئس، ڪڏهن ته مرض جي شدت جي ڪري مون کي وڌيڪ تڪليف ٿيندي هئي، ڪڏهن آڌي رات جو طبعيت خراب ٿي ويندي هئي ته انهي وقت ڊاڪٽر وٽ وڃڻو پوندو هو، مطلب ته مان بيحد پريشان رهندو هئس، علاج معالجي ۾ ڪا گھٽتائي نه ڪئي، هر ڏينهن اٽڪل 150 روپيا دوائن تي خرچ ٿيندا هئا، جنهن سان وقتي طور تي سڪون ملندو هو پر مون کي مستقل سڪون نه مليو، هر وقت انهيء فڪر۽ پريشاني ۾ رهندو هئس ته ان مرض مان ڪيئن شفا ملندي منهنجي خوش قسمتي جو هڪ ڀيري دعوت اسلامي جي عاشقان رسول سان گڏ مدني قافلي ۾ سفر جي سعادت حاصل ٿي، مدني قافلي جي برڪتن سان جتي منهنجا ڏينهن رات عبادت الهي ۾ گذريا ۽