Book Name:Masjid kay Aadab (Haftawar Bayan)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو۔ تاجدارِ رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔

(مِشْکاۃُ الْمَصابِیح ،ج۱ ص۵۵ حدیث ۱۷۵)

سینہ تری سُنّت کا مدینہ بنے آقا

جَنَّت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

”خاموش رهو“ جي اَٺ اکرن جي نسبت سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جا 8 مدني گل

 (1) فرمانِ مُصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جيڪو چُپ رهيون ان نجات حاصل ڪئي۔ (سُنَنُ التِّرْمِذِیّ ج٤ ص٢٢٥ حدیث ٢٥٠٩) (2) مسڪرائي ۽ خوش اخلاقيءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪيو (3) مسلمانن جي دلجوئي جي نيّت سان ننڍن سان شفقت وارو ۽ وڏن سان ادب وارو لهجو اختيار ڪيو اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ  ثواب حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻنهي وٽ توهان معزز رهندؤ، وڏي آواز سان ڳالهائڻ جيئن اڄڪلهه دوست پاڻ ۾ بي تڪلفي سان ڳالهائيندا آهن، اهو سنّت نه آهي
(4) کڻي هڪ ڏينهن جو ٻار هجي سٺين سٺين نيتن سان ان سان به اوهان توهان سان گفتگو ڪرڻ جي عادت بڻايو، اوهان جا اخلاق به اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ عمدا ٿيندا ۽ ٻار به آدب سکندو (5) ڳالهه ٻولهه ڪرڻ وقت پردي جي جاءِ تي