Book Name:Masjid kay Aadab (Haftawar Bayan)

آهي) مُوري، ڪچو گوشت ۽ گاسليٽ، اها ماچيس جي تيلي جنهن جي رڳڙڻ سان بوءِ ڦهلجندي هجي، ريح خارج ڪرڻ وغيره وغيره۔ جنهن کي وات مان بدبوءِ اچڻ جي بيماري هجي يا ڪو بدبودار زخم هجي يا ڪا بدبودار دوا لڳائي هجي ته جيستائين بوءِ ختم نه ٿئي ان کي مسجد ۾اچڻ جي ممانعت آهي۔ (بہارِ شریعت ج۱ص ۶۴۸)

وات ۾ بدبو هجي ته مسجد ۾ وڃڻ حرام آهي

        مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته وات ۾ بدبو هجڻ جي صورت ۾ جيستائين بو ختم نه ٿئي مسجد ۾ وڃڻ منع آهي۔شيخِ طريقت، اميرِ اَهلسُنَّت، بانيِ دعوتِ اسلامي حضرت ِ علامہ مولانا ابُو بلال محمد الياس عطارقادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ هن باري ۾ مدني گل ارشاد فرمائن ٿا: بُک کان گهٽ کاڌو کائڻ جي عادت بڻايون،  يعني اڃا خواهش باقي هجي ته هٿ روڪي ڇڏيون۔ جيڪڏهن خوب پيٽ ڀري کائيندا رهيؤ، ۽ وقت بي وقت سيخ ڪباب، برگر، آلو ڇولا، پزّا، آئس ڪريم، ٿڌيون بوتلون وغيره کائيندا پيئندا رهيؤ انهي سبب پيٽ خراب ٿي ويو ۽ خدا نخواسته وات مان بدبوءِ اچڻ جي بيماري لڳي وئي ته سخت امتحان ۾ پئجي ويندو، ڇو ته وات مان بدبوءِ اچي ته مسجد ۾ داخل ٿيڻ حرام آهي، ايتري تائين جو جنهن وقت وات مان بدبوءِ اچي رهي هجي ان وقت باجماعت نماز پڙهڻ جي لاءِ به مسجد ۾ اچڻ گناهه آهي۔ ڇو ته فڪرِ آخرت جي گهٽتائيءَ سبب ماڻهن جي وڏي اڪثريت ۾ کاڌي جو حرص گهڻو ۽ اڄ ڪلهه هر طرف ”فوڊ ڪلچر“ جو دؤر هلي رهيو آهي۔ هن سبب کان وڏو تعداد آهي جنهن جي وات مان بدبوءِ ايندي آهي۔ منهنجو ڪافي تجربو آهي ته جڏهن ڪو وات ويجهو ڪري ڳالهه ڪندو آهي ته ان جي وات جي بدبوءِ جي سبب ساهه روڪڻو پوندو