Book Name:Masjid kay Aadab (Haftawar Bayan)

بي ادبن کي مسجد مان ڪڍي ڇڏيو !

حضرت سَيِّدُنا عيسٰي عَلٰی نَبِیِّنَا وَ عَلَیْہِ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام  انهن ماڻهن کي مسجد ۾ وڌيڪ ويهڻ کان منع ڪندا هئا جيڪي مسجد جي آدابن کان اڻ واقف هئا، هڪ ڀيري پاڻ عَلَیْہِ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام  مسجد ۾ ڪن ماڻهن کي ويٺل ڏٺو، جيڪي فضول ڳالهيون ڪري رهيا هئا ته پاڻ پنهنجي چادر کي ويڙهي انهن کي ماريو ۽ اتان کان ڪڍي ڇڏيو ۽ فرمايو؛ توهان الله عَزَّ وَجَلَّ جي گھرن کي دنيا جي بازار ٺاهي رکيو آهي حالانڪ اهي ته آخرت جا بازار آهن.

(تنبیهُ المغترین،الباب الثالث،ص۱۶۲)

مــــــــينهمـــــــــديــنــهحضرتِ سيّدُنا سائب بن يزيد رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا، مان مسجد ۾ ليٽل هئس ته مون کي ڪنهن پٿري هنئي۔ مون ڏٺو ته اهي حضرتِ سيّدُنا امير المُؤمنين عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ هئا۔ انهن مون کي فرمايو: ”وڃ ۽انهن ٻنهي شخصن کي مون وٽ وٺي اچو!“۔ مان انهن ٻنهي کي وٺي آيس۔ حضرتِ سيّدُنا عمر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ انهن کان پڇا فرمايو،” توهان ڪهڙي شهر سان تعلق رکو ٿا ؟ عرض ڪيائون، طائف سان. فرمايائون، ”جيڪڏهن توهان مدينہءِ منوره جا رهڻ وارا هجو ها ته مان توهان کي ضرور سزا ڏيان ها (ڇو ته) توهان رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مسجد ۾ پنهنجو آواز بلند ٿا ڪريو !  (بخاری،کتاب الصلٰوة،باب رفع الصوت فی المساجد،۱/۱۷۸،حدیث۴۷۰)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٿورو غور ڪيو! هڪ پاسي ته الله عَزَّ وَجَلَّ  جا نيڪ ٻانها آهن ۽ ٻئي پاسي اسان آهيون جو مسجدن جي آدابن کان بلڪل اڻ واقف آهيون، فضول ڳالهيون ته رهيون، هڪ پاسي ڪڏهن ڪڏهن ته ڪي