Book Name:Masjid kay Aadab (Haftawar Bayan)

به مطالعو ڪرڻ ۽ ٻين تائين به پهچائڻ جو مدني ذهن بڻجي؛ مثال طور * مسجد ۾ ڪئي ماڻهو بيهي پنهنجي مجبوري ۽ بيماري وغيره بيان ڪري مدد جي اپيل ڪندا آهن جيڪڏهن اهي واقعي حقدار هجن ته ڇا انهن کي ڪجھ ڏئي سگهجي ٿو يا نه؟ * ڇا مسجد ۾، مسجد، مدرسي يا ڪنهن حاجت مند مسلمان کي ڏيڻ لاءِ به چندو نٿو ڪري سگھجي؟ * ننڍا ننڍا ٻار مسجد ۾ ڊوڙندا ۽ گوڙ ڪندا آهن انهن جو ڏوھ ڪنهن تي آهي * ائير فريشنر جي ذريعي خوشبو جو ڇرڪاؤ عام ٿئي پيو ان ۾ ڪو نقصان ته نه آهي * ڪمري کي خوشبودار ڪرڻ جي لاءِ ڇا ڪرڻ گھرجي *دعوت اسلامي جي مدني ماحول ۾ استقامت ڪيئن حاصل ٿي سگھندي * جيڪي اسلامي ڀائر ناراض ٿي دعوت اسلامي جو مدني ڪم ڇڏي ڏنو هجي انهن کي ڪيئن ويجھو آڻجي ؟

مسجد جي ادب جو خيال رکو

     مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اللہ عَزَّوَجَلَّ جي گھرن کي آباد رکڻ انهن سان محبت ڪرڻ وڏي سعادت جي ڳالھ آهي پر مسجد جي ادب جو خيال رکڻ ۽ ان کي هر طرح جي ناپسنديده ۽ بدبودار شين کان بچائڻ به نهايت ضروري آهي،

مسجد ۾ ڪـچو گوشت نه کڻي وڃو

     صدرُالشَّريعه، بدرُالطَّريقه، علامه مولانا مفتـي محمد امجد علي اعظمي
عَليهِ رَحمةُ الله الۡقَوی فرمائن ٿا؛ ”مسجد ۾ ڪچي ٿوم ۽ ڪچو بصر کائڻ يا کائي ڪري وڃڻ جائز ناهي، جيستائين جو بوءِ باقي هجي ۽ اهو ئي حڪم هر ان شيء جو آهي جنهن ۾بوءِ هجي جيئن گندنا (هي ٿوم وانگر هڪ سبزي