Book Name:Jhoot ki Tabah kariyan

اِنَّمَا یَفۡتَرِی الۡکَذِبَ الَّذِیۡنَ لَا یُؤۡمِنُوۡنَ بِاٰیٰتِ اللہِ ۚ وَ اُولٰٓئِکَ ہُمُ الۡکٰذِبُوۡنَ ﴿۱۰۵﴾

(سيپارو:۱۴، النحل:۱۰۵)

 

ترجمو ڪنزالايمان: ڪوڙو بُہتان اهو ئي گھڙيندا آهن جيڪي اللہ جي آيتن تي ايمان نٿا رکن ۽ اهي ئي ڪوڙا آهن۔

صَدرُالاَفاضِل حضرتِ علّامه مَولانا مُفتي سَيّد محمد نَعيمُ الدّين مُراد آبادي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ اِفتِرا ڪرڻ (بُہتان (الزام) لڳائڻ) بي اِيمانن جو ئي ڪم آهي ۔ (خزائن العرفان، پارہ:۱۴، النحل، تحت الآیہ: ۱۰۵) اِمَامُ المُتَڪلّمِين، حضرتِ علّامه امام فَخرُالدّين محمد بن عُمررازي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: هي آيتِ ڪريمه اِن ڳالھ جي قَوِي (مضبوط) دليل آهي ته ڪوڙ تمام ڪبيرہ گناھن ۾ سڀ کان وڏو گناھ ۽ بَدتَرين بُرائي آهي، ڇو جو ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ ڪوڙا الزام لڳائڻ جي جُرأت (همت) اهو ئي شَخص ڪندو آهي، جنهن کي اللہ عَزَّوَجَلَّ جي نشانين تي يقين نه ہجي يا جيڪو شَخص غير مُسلِم ہجي ۽ اللہ عَزَّوَجَلَّ جو ڪوڙ جي مَذَمَّت ۾ ان طرح جو ڪلام فرمائڻ، نهايت ئي سخت تَنبيھ آهي۔ (التفسیر الکبیر:۷/۲۷۲، الجزءالعشرون،ملتقطاً)

نیکیوں میں دل لگے ہر دم بنا

 

عاملِ سُنَّت اے نانائے حُسین!

جُھوٹ سے بُغْض و حَسد سے ہم بچیں

 

کیجئے رحمت اے نانائے حُسین!

(وسائلِ بخشش،ص:۲۵۸)

ايمان ڪمزور ڪرڻ وارومَرض

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اندازو لڳايو! ڪوڙ ڳالهائڻ واري جي قرآنِ پاڪ ۾ ڪهڙي مَذَمَّت بَيان فرمائي وئي آهي۔ بار بار ڪوڙ ڳالهائڻ ايمان جي ڪمزوري تي دلالت ڪري ٿو ۽ ڪوڙي شَخص جي باطِني بگاڙ جو به سبب بڻجندو آهي، ڪوڙ هڪ اهڙو مَرَض آهي جيڪو اِيمان کي ڪمزور ۽