Book Name:Jhoot ki Tabah kariyan

تمام ڪيل گناھن کان بالخُصُوص شراب نوشي کان سچي تَوبَھ ڪئي، نمازن جي پابندي ۽ ماءُ پيءُ جي فرمانبرداري جوعَزمِ مُصَمَّم ڪري ورتو۔ اَلۡحَمۡدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ مَدَني قافلي جي بَرَڪت سان مون مٿي تي سبز سبز عِمامي شريف جو تاج سجائي ورتو ۽ هڪ مُٺ ڏاڙھي شريف رکڻ جي به نيّت ڪري ورتي ۽ هاڻي هڪ مسجد ۾ مُؤذِن جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏئي رہيو آہيان.

ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جون سُنتون ۽ آداب

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدارِ رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔

(مشکوٰة ج 1 ص 55 حديث 175)

سینہ تیری سنت کا مدینہ بنے آقا

جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

 

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو ته دعوتِ اسلامي جي شايع ٿيل رسالي ”101 مدني گُل“ مان ڳالھ ٻولھ جي حوالي سان ڪجھ اهم مَدَ ني گُل ٻُڌون: ]1[ مسڪرائي ۽ خوش اخلاقيءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ سنّت آهي ]2[ مسلمانن جي دلجوئي جي نيّت سان ننڍن سان شفقت وارو ۽ وڏن سان ادب وارو