Book Name:Jhoot ki Tabah kariyan

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته سچ ڳالهائڻ وارا خُوش نصيب ماڻهو ڪهڙن ڪهڙن عَظِيمُ الشّان فَضيلتن ۽ دُنيا ۽ آخِرت جي اِنعامن سان سَرفَراز ٿيندا آهن، تنهن جي ڪري جيڪڏهن اسان به انهن اِنعامن ۽ فَضيلتن جي حُصُول جا خواہِشمند آهيون ته اسان کي به پاڻ کي سچ جو عادي بنائڻو پوندو۔ واقعي جتي سچ ڳالهائڻ جون اُخرَوي فَضيلتون ۽ بَرڪتون حاصِل ٿينديون آهن، اُتي گھڻو ڪري وڏين وڏين دُنيوي پريشانين کان به نَجات مِلي ويندي آهي، اِنهيءَ متعلق هڪ نهايت اِيمان افروز حِڪايت ٻڌو ۽ سچ ڳالهائڻ کي پنهنجي گُفتار جو اہم ترين حصو بنائڻ جي پُختَه نِيّت ڪري وٺو۔

سچو ٻڪرار

حضرت نافع رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: حضرت عبدالله بن عمر رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا پنهنجي ڪجھ ساٿين سان گڏ هڪ سفر ۾ هئا، واٽ تي هڪ جڳھ تي ترسيا ۽ کائڻ جي لاءِ دسترخوان وڇايو ويو، ايتري ۾ هڪ ٻڪرار (يعني ٻڪريون چارڻ وارو) اتي آيو پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن فرمايو اچو! دسترخوان مان ڪجھ کائو، عرض ڪيائين: منهنجو روزو آهي، حضرت عبدالله بن عمر رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا جن فرمايو: ڇا توهان انهيءَ سخت گرمي جي ڏينهن ۾ (نفل) روزو رکيو آهي ۽ توهان ته جبل تي ٻڪريون به چاري رهيا آهيو، ان چيو: الله جو قسم! مان اهو انهيءِ لاءِ ڪري رهيو آهيان جو زندگي جي گذريل ڏينهن جي تلافي (يعني بدلو ادا) ڪري وٺان، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن ان جي پرهيزگاري جو امتحان وٺڻ جي ارادي سان فرمايائون: ڇا توهان پنهنجي ٻڪرين مان اسان کي هڪ ٻڪري وڪڻندؤ؟ ان جي قيمت ۽ گوشت توهان کي به ڏينداسين ته جيئن توهان انهي سان روزو افطار پڻ ڪري سگھو، ان