Book Name:Jhoot ki Tabah kariyan

جواب ڏنو: اهي ٻڪريون منهنجون نه آهن، منهنجي مالڪ جون آهن، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن ان کي آزمائڻ جي لاءِ فرمايو: مالڪ کي چئجو ته انهن مان هڪ بگھڙ (Wolf) کڻي ويو، غلام چيو: ته پوءِ الله ڪٿي آهي؟ (يعني الله ته ڏسي رهيو آهي، اهو حقيقت کي ڄاڻي ٿو ۽ انهيءَ سبب منهنجي پڪڙ ڪندو) جڏهن پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ مديني واپس موٽيا ته ان جي مالڪ کان غلام ۽ سموريون ٻڪريون خريد ڪيون پوءِ ٻڪرار کي آزاد ڪري ڇڏيو ۽ ٻڪريون به ان کي تحفي ۾ ڏئي ڇڏيون. (شُعَبُ الْاِیمان:۴/۳۲۹،حدیث:۵۲۹۱، مُلَخَّصاً ، ازڪوڙو چور 14)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلۡحَمۡدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ سچ ڳالهائڻ سان نه صرف هن دنيا ۾ بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون آهن بلڪه ٻانهو ڪوڙ جهڙي گناھ ۾ مبتلا ٿيڻ کان به بچي ويندو آهي. تنهنڪري هميشه سچ ڳالهائڻ جي عادت بڻايو ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ جي عادت کان جان ڇڏايو! ڪهڙي ئي مشڪل هجي، وڏي کان وڏي مصيبت اچي وڃي، هرگز هرگز ڪوڙ جو سهارو نه وٺو ۽ سچ تي مضبوطي سان قائم رهو. اِنۡ شَآءَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ دين ۽ دنيا جون ڀلايون نصيب ٿينديون.

سچ ڳالهائڻ سان جان بچي ويئي

منقول آهي ته حَجّاج بِن يُوسُف هڪڙي ڏينهن ڪجهه قيدين کي قتل ڪرائي رهيو هو، هڪ قيدي اُٿي ڪري چوڻ لڳو: اي امير! منهنجو توتي هڪڙو حق آهي۔ حجاج پڇيو: اُهو ڪهڙو؟ چوڻ لڳو: هڪ ڏينهن فُلان شخص توکي بُرو ڀلو چئي رهيو هو ته مون تنهنجو دِفاع (يعني بچاءُ) ڪيو هو۔ حجاج چيو: ان جو گواھ ڪير آهي؟ اُن شخص چيو: آئون الله تعالٰي جو