Book Name:Jhoot ki Tabah kariyan

ايئن به ٿيندو آهي ته ڪوڙو شَخص پنهنجي ڪوڙ جي سبب هن دنيا ۾ ئي قہرِ الٰہي ۾ مُبتَلا ٿي ويندو آهي۔ جيئن ته

ڪوڙو چور

هڪ شخص پنهنجي چاچي جي پٽ (Cousin) جو مال چوري ڪري ورتو، مالڪ چور کي حرم پاڪ ۾ پڪڙي ورتو ۽ چيائين: اهو مال منهنجو آهي۔ چور چيو: توهان ڪوڙ ڳالهايو ٿا، ان شخص چيو: اهڙي ڳالهه آهي ته تون قسم کڻي ڏيکار! اهو ٻڌي ان چور (ڪعبي شريف جي سامهون) ”مقام ابراهيم“ جي ڀرسان بيهي قسم کنيو، اهو ڏسي مال جي مالڪ ”رڪن يماني“ ۽ ”مقام ابراهيم جي وچ ۾ بيهي دعا جي لاءِ هٿ کنيا، اڃا اهو دعا گھري رهيو هو ته چور چريو ٿي ويو ۽ اهو مڪي شريف ۾ هينئن رڙيون ڪرڻ لڳو: مون کي ڇا ٿي ويو! ۽ مال کي ڇا ٿي ويو! مال جي مالڪ کي ڇا ٿي ويو!! اها خبر الله تعاليٰ جي پياري نبي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڏاڏي سڳوري حضرت عبدالمطلب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي پهتي ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ آيا ۽ اهو مال جمع ڪري جنهن جو هو ان شخص کي ڏئي ڇڏيائون ۽ اهو ان کي کڻي هليو ويو جڏهن ته اهو چور چرين جيان (ڀڄندو ۽) رڙيون ڪندو رهيو ايستايئن جو هڪ جبل تان ڪري مري ويو ۽ جنگھلي جانور ان کي کائي ويا۔

(اَخْبار مَکّۃ لِلاَزْرَقی:۲/۲۶ مُلَخَّصًا)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته! چوري ڪرڻ، ڪوڙو قَسم کڻڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ واري جو ڪهڙو عِبرَتناڪ انجام ٿيو۔ تنهنڪري اسان کي