Book Name:Jhoot ki Tabah kariyan

آخِرت ۾ اِن جي سبب ضَرور پَڪڙ ٿي سگھي ٿي۔اچو ته! اَحاديثِ مُبارَڪه ۾ بَيان ڪيل ڪوڙ جون مُختلف تباھ ڪاريون ٻڌون ٿا ۔

ڪوڙ جا ڀيانڪ نَتيجا

* جڏهن ٻانهو ڪوڙ ڳالهائيندو آهي، ان جي بَدبُو کان فِرِشتو هڪ مِيل پَري ٿي ويندو آهي۔ (ترمذی، باب ماجاء في الصدق والکذب،الحدیث:۱۹۷۹، ۳/۳۹۲) * ڪوڙ ڳالهائڻ، سڀ کان وڏي خِيانت آهي۔ (سنن ابي داود، کتاب الادب، باب في المعاریض،الحدیث:۴۹۷۱، ۴/۳۸۱) * ڪوڙ ايمان جو مُخالِف آهي۔ (المسند للامام احمد بن حنبل،مسند ابي بکر الصدیق،الحدیث:۱۶، ۱/۲۲) * ماڻهن کي کِلائڻ جي لاءِ ڪوڙ ڳالهائڻ واري جي لاءِ ہَلاڪت آهي۔ (سنن الترمذي،کتاب الزھد، باب ماجاء من تکلم بالکلمۃ لیضحک الناس، الحدیث:۲۳۲۲، ۴/۱۴۲)* ماڻهن کي کِلائڻ جي لاءِ ڪوڙ ڳالهائڻ وارو جہنَّم جي ايتري گِہرائي ۾ ڪِرندو آهي جيڪو (فاصلو) آسمان ۽ زمين جي درمياني فاصلي کان به وڌيڪ آهي۔ (شعب الایمان، باب في حفظ اللسان، الحدیث:۴۸۳۲، ۴/۲۱۳) * ڪوڙ ڳالهائڻ سان مُنهن ڪارو ٿي ويندوآهي۔ (شعب الایمان، باب في حفظ اللسان، الحدیث:۴۸۱۳، ۴/۲۰۸) * ڪوڙي ڳالھ چوڻ ڪبيرہ گُناھ آهي۔ (المعجم الکبیر،الحدیث:۲۹۳، ۱۸/۱۴۰ ملخصاً) * ڪوڙ ڳالهائڻ مُنافِق جي عَلامتن مان هڪ نِشاني آهي۔ (صحیح مسلم، کتاب الایمان، باب خصال المنافق ، الحدیث:۱۰۶،ص:۵۰) * ڪوڙ ڳالهائڻ وارا قِيامت جي ڏينهن، اللہ عَزَّوَجَلَّ جي ويجھو سڀ کان وڌيڪ ناپسنديدہ ماڻهن ۾ شامِل هوندا۔ (کنز العمال،الحدیث:۴۴۰۳۷، ۱۶/۳۹)

میں فالتو باتوں سے رہوں دُور ہمیشہ

 

چُپ رہنے کا اللہ سَلِیقہ تُو سکھا دے!

میں جُھوٹ نه بولوں کبھی گالی نه نِکالوں!

 

اللہ مَرَض سے تُو گُناہوں کے شِفا دے!

(وسائلِ بخشش، ص۱۱۵)