Book Name:Jhoot ki Tabah kariyan

رهو، دعوتِ اسلامي جي ہر دلعزيز، 100 فيصد اسلامي چينل ” مَدَني چينل“ پاڻ به ڏسندا رهو ۽ ٻين کي به ڏسڻ جي ترغيب ڏياريندا رهو۔ جيڪڏهن اِنهن مدني ڪمن ۾ مُستقل مزاجي سان شرڪت ۽ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ اِستقامت نصيب ٿي وئي ته اللہ عَزَّوَجَلَّ ۽ رَسُول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي وڌيڪ محبت پيدا ٿيندي، صحابه ۽ اولياء جو مُبارڪ فيضان جاري ۽ ساري ٿي ويندو، گناہن کان دِل بيزار ٿيندي ۽ فِڪرِ آخِرت سان گڏوگڏ سُنَّتن جي مُطابِق زِندگي گذارڻ جو به ذِہن بڻجندو۔ اِنۡ شَآءَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ

ہمیں عالِموں اور بُزرگوں کے آداب

 

سِکھاتا ہے ہر دَم سَدا مَدَنی ماحول

یہاں سُنّتیں سیکھنے کو مِلیں گی

 

دِلائے گا خَوفِ خُدا مَدَنی ماحول

(وسائلِ بخشش، ص:۶۴۷)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

هر عمل جو نتيجو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان دُنيا ۾ جيڪو به عَمَل ڪندا رهون، اُن جا نتيجا به اسان جي سامهون ايندا رهندا آهن۔ جيڪڏهن عَمَل نيڪ هوندو ته ان جو نتيجو به چڱو ہوندو ۽ جيڪڏهن عَمَل بُرو ہوندو ته يقينًا اُن جو نتيجو به بُرو ئي سامهون ايندو۔ ڇو جو ڪوڙ بُري عملن سان تَعلُّق رکندو آهي، ته ان جا نَتيجا به بُرا ئي نڪرندا آهن۔ گھڻو ڪري ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ بظاہر فائدو مَحسُوس ٿي رهيو هوندو آهي، پر اَنجام آخرڪار بُرو ئي ٿيندو آهي، جيڪڏهن دُنيا ۾ بُرو نتيجو سامهون نه به اچي، تڏهن به قَبر ۽