Book Name:Jhoot ki Tabah kariyan

جي ذريعي نيڪي جي دَعوت ڦهلائي رهي آهي ۽ انهن کي دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ڪندي، ان مَدَني مَقصَد ”مون کي پنهنجي ۽ سڄي دُنيا جي ماڻهن جي اِصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي۔ اِنۡ شَآءَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ “ جي مُطابِق زِندگي گُذارڻ ۽ فڪرِ آخِرت ڪرڻ جو مَدَني ذِہن به بڻائي رهي آهي ۔

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں

اے دعوتِ اسلامی تیری دھوم مچی ہو

ٻارنهن مَدَني ڪمن مان هڪ مدني ڪم مدني قافلو به آهي !

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! سُنّتن جي خِدمت جي لاءِ ذيلي حلقي جي ٻارنهن مَدَني ڪمن ۾ اڳتي وڌي ڪري حصو وٺو۔ ذيلي حلقي جا 12 مَدَني ڪم مُسَلمانن کي راھِ سنّت تي هلائڻ ۽ عاشِقانِ رسول ۾ سُنّتن جون مدني بہارون عام ڪرڻ ۾ وڏا مددگار آهن۔ ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن مان ماهانه هڪ مَدَني ڪم ہر مہيني ٽي (3) ڏينهن جي مَدَني قافلي ۾ سفر ڪرڻ“ به آهي۔ اَلۡحَمۡدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ مَدَني قافلي ۾ عاشِقانِ رسول جي صُحبَت جي بَرَڪت سان جتي علمِ دين سکڻ، علمِ دِين سان مالا مال ڪتاب ۽ رسالا پڙهڻ مُيسَّر ايندا آهن، اُتي ماڻهن کي نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ بُرائين کان مَنع ڪرڻ جو ثَواب به ہٿ ايندو آهي۔ ياد رکو! اسان جي نيڪي جي دعوت سان جيڪڏهن ڪو هڪ اسلامي ڀاءُ به سُنَّتن جو پيڪر ۽ نمازي بڻجي ويو، ته اُن کي اُن نيڪ عملن جو ثَواب ته ملندو ئي، گڏوگڏ اسان جي نامهء اعمال ۾ به ثَواب لکيو ويندو۔