Book Name:Jhoot ki Tabah kariyan

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته ڪوڙ آخِرت جي لاءِ ڪيتري نُقصانڪار شيءِ آهي۔ تنهنڪري عَقلمند اهو ئي آهي جيڪو ڪوڙ کان جان ڇڏائي ہميشه سچ ڳالهائيندو رهي۔ سچ ڳالهائڻ سان اِنسان نه صِرف ڪوڙ جي اِن وَعِيدن کان بچي سگھي ٿو بلڪه سچ ڳالهائڻ جي فَائدن سان به مالامال ٿيندو۔ جيئن ته

سچ ڳالهائڻ جا ڏه (10) فائدا

حڪيمُ الامّت، مُفتي احمد يا ر خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: (1) جيڪو شَخص سچ ڳالهائڻ جو عادي ٿي وڃي، اللہ عَزَّوَجَلَّ اُن کي نيڪوڪار بڻائي ڇڏيندو۔ (2) ان جي عادت سُٺن ڪمن جي ٿي ويندي۔ (3) اُن جي بَرَڪت سان اهو مرڻ وَقت تائين نيڪ رهندو۔ (4) بُرائين کان بچندو۔ (5) جيڪو اللہ عَزَّوَجَلَّ جي ويجھو صِدّيق ٿي ويندو ان جو خاتِمو چڱو ٿيندو۔ (6) اهو ہر قسم جي عَذاب کان مَحفُوظ رہندو۔ (7)ہر قسم جو ثَواب ماڻيندو۔ (8) دُنيا به اُن کي سچّو چوڻ، چڱو سمجھڻ لڳندي آهي۔ (9) اُن جي عزّت ماڻهن جي دِلين ۾ ويهي رهندي آهي۔ (مرآۃ المناجيح، ج۶/۴۵۲) (10) سچ هڪ اهڙو نُور آهي جيڪو سچ ڳالهائڻ وارن جي دلين جي ہدايت جو سبب بڻجندو آهي، جيتري قَدَر اُنهن کي پنهنجي رَبّ عَزَّوَجَلَّ جو قُرب حا صِل ہوندو آهي، اوتري قدر ئي انهن کي اهو نُور حاصِل ٿيندو ويندو آهي۔

(تفسیر روح البیان، پ۲۲، الاحزاب، تحت الایۃ:۳۵، ۷/۱۷۵)