Book Name:Jhoot ki Tabah kariyan

فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي : نيڪي جي طرف رَہنُمائي ڪرڻ وارو به نيڪي ڪرڻ واري جيان آهي۔ (سُنَنُ التِّرْمِذِی،ج ۴،ص ۳۰۵،حدیث۲۶۷۹) توهان به ہر مہيني ٽن (3) ڏينهن جي مَدَني قافلي ۾ سَفَر ڪرڻ جي نِيّت فرمائي وٺو، اِنۡ شَآءَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ بي شمار ڀلايون نصيب ٿينديون۔ اچوته! ترغيب جي لاءِ مدني قافلي جي مَدَني بہار ٻڌون:

مَدَني بهار:

هڪ اسلامي ڀاءُ جي بَيان جو خُلاصو آهي: دعوتِ اسلامي جي مُشڪبار مَدَني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پہريان آئون گناھن واري ماحول ۾ ڦاٿل هئس، مَعَاذَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ روزانو شراب پيئڻ، ماءُ پيءُ کي سَتائڻ ۽ نمازون قَضا ڪرڻ منهنجو مَشغلو ھو، پوءِ هڪ ڏينهن منهنجو ڀاڻيجو مون کي دعوتِ اسلامي جي مَدَني قافلي ۾ سفر جي دعوت پيش ڪئي، پہريان ته آئون ٽال مٽول کان ڪم وٺندو رہيس، پر اُن ہِمّت نه ہاري ۽ مون تي اِنفرادي ڪوشش جاري رکي ۽ آخرڪار مون ماھـهِ محرم الحرام ۾ شهيدانِ ڪربلا رِضۡوَانُ اللهِ تَعَالٰی عَلَیۡھِمۡ اَجۡمعِیۡن جي ايصالِ ثَواب جي نيّت سان مَدَني قافلي ۾ سَفَر اِختِيار ڪري ورتو، دورانِ مَدَني قافلا نيڪي جي دعوت ۽ سُنّتن ڀريا بيانات ٻُڌڻ ۽ باني دعوتِ اسلامي حضرت علاّمہ مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رَضَوي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي مختلف مَوضُوعن تي مُشتَمِل رسالن جو مُطالَعو ڪرڻ جو مَوقَعو مِليو، اِنهن بَيانن ۽ پُرتاثير تَحرير جو مون گناھگار تي اهڙو اَثَر ٿيو جو منهنجي دل ۾ مَدَني اِنقِلاب برپا ٿي ويو۔ اَلغَرَض! مَدَني قافلي جي بَرَڪت سان مون کي پنهنجي سابقه (گذريل) گناھن ڀري زِندگي تي نَدامت ٿيڻ لڳي، منهنجو مٿو شَرم کان جھڪي ويو ۽ مون پنهنجي