Book Name:Jhoot ki Tabah kariyan

جہنَّم جي طرف وٺي وڃڻ وارو هڪ خطر ناڪ رستو آهي، پر اسان سمورن خطرن کي نظر انداز ڪندي وڏي تيزي سان ان رستي تي هلندا پيا وڃون، افسوس صَد ڪروڙ افسوس! هاڻي ته ڪوڙ ڳالهائڻ وارن مَعَاذَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ ڪوڙ کي بُرائي سمجھڻ ئي ڇڏي ڏنو۔ دُنيا ۾ ڪوڙ ڳالهائي ڪجھ پئسن جو فائدو حاصل ڪرڻ وارن، ڪوڙن لطيفن جي ذريعي ٻين کي کِلائڻ وارن، ڪوڙا خواب ٻڌائي ڪري ٻين جي دِل بهلائڻ وارن، پنهنجي نالي سان گڏ ڪوڙا لقب لڳائي حُبّ جاھ (عزت ۽ شُہرت جي مَحبَّت) جو سامان تيار ڪرڻ وارا ياد رکن! ته مرڻ کان پوءِ ڪوڙ جو عذاب ہرگز ہرگز برداشت نه ٿي سگھندو۔ جيئن ته

ڪوڙي شخص کي ملڻ وارا عذابَ

نور جي پيڪر، سڀني نبين جي سَرور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: خواب ۾ هڪ شخص مون وٽ آيو ۽ چيائين: هلو! مان ان سان گڏ هَليُس، مون ٻه ماڻهو ڏٺا، انهن مان هڪ بيٺو ۽ ٻيو ويٺو هو، بيٺل شخص جي هٿ ۾ لوھ جوزنبور[1] هو جنهن کي اهو ويٺل شخص جي هڪ ڄاڙيءَ ۾ وجھي ان کي ڪياڙيءَ تائين چيري پيو ڇڏي، پوءِ زنبور ڪڍي ٻي ڄاڙيءَ ۾ وجھي ان کي پيو چيري ، ايتري ۾ پهرين واري ڄاڙي پنهنجي اصلي حالت ۾ اچي پئي وڃي، مون آڻڻ واري شخص کان پڇيو اهو ڇا آهي؟ ان جواب ڏنو: اهو ڪوڙو شخص آهي ان کي قيامت تائين قبر ۾ اهو ئي عذاب ڏنو ويندو۔

 

 



[1]يعني لوھ جي سيخ جنهن جو هڪ پاسو مُڙيل هوندو آهي ـ