Book Name:Jhoot ki Tabah kariyan

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو! جڏهن هڪ شَخص ڪوڙ ڇڏي سچ ڳالهائڻ جو پُختو اِرادو ڪري ورتو ته اهو ڪيترن ئي ڪبيرہ گناھن کان باز اچي ويو۔ معلوم ٿيو ته ڪوڙ تمام گناھن جي جَڙ آهي۔ سڀني بُرين عادتن ۾ سڀ کان بُري خَصلت آهي۔ ڪوڙ زبان سان ڳالهايو وڃي چاهي عمل مان ظاہِرڪيو وڃي هر صُورت ۾ قابلِ مَذَمَّت آهي۔ ڪوڙ جو مطلب هي آهي ته حقيقت جي برعڪس ڪا ڳالھ ڪئي وڃي۔ (حدیقہ ندیہ ،ج۲،ص ۴۰۰) يعني جيڪڏهن ڪنهن پُڇيو: توهان ہفتيوار اجتِماع ۾ شرڪت ڪئي؟ ۽ جوابًا چيو: جي ہا! (حالانڪه شِرڪت نه ڪئي) ۽ اهڙي طرح ڪنهن پڇيو ڇا توهان ماني کائي ورتي آهي؟ ۽ جوابًا چيو: جي ہا! (حالانڪه ماني نه کاڌي هئي) ته هي ڪوڙ ٿيو، ڇو جو واقِع (حقيقت) جي خِلاف آهي۔ ڪوڙ ڳالهائڻ ايتري بُري عادت آهي جو ہر مذہب ۾ اِن کي بُرائي سمجھيو ويندو آهي، اسان جي پياري دينِ اسلام اِن کان بچڻ جي وڏي تاڪيد ڪئي آهي، قرآنِ پاڪ ڪيترن ئي جڳهن تي ان جي مَذَمَّت بَيان فرمائي ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ وارن تي خُدا جي لَعنت به آهي۔

ڪوڙ ۽ آياتِ ڪريمه

جيئن ته سيپاري 17 سُوْرَۃُ الْحَج آيت نمبر 30 ۾ اِرشاد ٿئي آهي۔

وَ اجۡتَنِبُوۡا قَوۡلَ الزُّوۡرِ ﴿ۙ۳۰﴾

 

ترجمو ڪنزالايمان: ۽ بچو ڪوڙي ڳالھه کان۔

سيپاري 14 سُوْرَۃُ النَّحْل جي آيت نمبر 105 ۾ اِرشادِ باري تَعَالٰي آهي: