Book Name:Jhoot ki Tabah kariyan

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هي ڳالھ بَخُوبي معلوم ٿي وئي ته ٻارن سان به ڪوڙ ڳالهائڻ جي شرعًا اِجازت ناهي، تنهنڪري اڄ تائين جنهن هن طرح ڪيو هجي اُن کي فَورًا سچّي تَوبھ ڪرڻ گھرجي ۽ هميشه سچ جي عادت اپنائڻ گھرجي۔ پاڻ به ڪوڙ کان بچو ۽ پنهنجي اَولاد کي به ان بُري عادت کان بچائڻ جو سامان ڪريو۔ ان جي لاءِ شيخِ طريقت، اَمِيرِ اہلسنّت، باني دعوتِ اسلامي ، حضرتِ علّامہ مَولانا ابُو بلال محمد الياس عطّار قادِري رَضَوي ضِيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جو 32 صفحن تي مشتمل رِسالو ”ڪوڙو چور“ جو پاڻ به مُطالَعو ڪريو ۽ پنهنجي ٻارن کي به هي رِسالو پڙھڻ جي تَرغِيب ڏياريو۔ اِنۡ شَآءَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ ڪوڙ ڳالهائڻ جي عادت نڪري ويندي۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

ڪوڙا لقب لڳائڻ

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان وٽ ڪجھ اهڙا اِصطِلاح آهن، جيڪي ڪنهن خاص مَنصب يا خاص ڊگري (Degree) تي دَلالت ڪن ٿا، پر ڌوڪي، فريب ۽ تمام گھڻو ڪوڙ ڳالهائڻ جي سبب ان اِصطِلاحن کي اهڙا ماڻهو به اِستِعمال ڪندي نظر ايندا آهن، جن جو انهن ڊگرين ۽عُہدن سان پَري پَري تائين به تَعَلُّق ناهي هوندو، جيڪڏهن ڪجھ تَعَلُّق ۽ نِسبَت ٿي به وڃي تڏهن به اهي اَفراد ان اِصطِلاحن کي اِستِعمال ڪرڻ جا مَجاز ناهن ہوندا۔ عام طور تي اهي ماڻهو جو جن کي دوائن جي ٿوري گھڻي معلومات ٿي وڃي،