Book Name:Jhoot ki Tabah kariyan

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

بَيان جو خلاصو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان ڪوڙ جي تباھ ڪارين جي مُتَعلِّق ٻُڌو، يقينًا ڪوڙ سڀني بُرائين جي جَڙ آهي، جيڪڏهن ڪو ڪوڙ کان بچڻ جو پُختَو اِرادو ڪري ته سچ ڳالهائڻ جي بَرَڪت سان ٻين ڪيترن ئي گناھن کان به بچي سگھي ٿو۔ ڪوڙو شَخص آخِرت ۾ ته خوار ٿيندو ئي، پر جيڪڏهن ڪوڙ تان دُنيا ۾ ان جو پردو هٽي ويو ته به اهڙو شَخص ذَلِيل ۽ خوار ٿيندو آهي۔ ڪوڙ ڳالهائڻ واري کان فِرشتو هڪ مِيل پري هليو ويندو آهي ۽ اهو اللہ عَزَّوَجَلَّ جو ناپسنديدہ ٻانهو بڻجي ويندو آهي۔ تنهنڪري اسان کي گھرجي ته ٻين گناھن سان گڏوگڏ ”ڪوڙ“ جي خِلاف اِعلانِ جنگ ڪندي تمام گناھن کان بچڻ جي ڪوشش جاري رکون۔ اللہ عَزَّوَجَلَّ اسان کي عَمَل ڪرڻ جي تَوفِيق عَطا فرمائي۔

اٰمِين بِجَاهِ النّبيِّ الاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مجلِس وُڪلاء و ججز جو تعارف

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! وَڪالت اسان جي مُعاشَري جو اَہَم تَرِين شُعبو آهي، تبليغِ قُرآن و سُنَّت جي عالمگير غير سِياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي جتي تقريباً 97 شُعبن ۾ دِينِ اسلام جو پَيغام عام ڪري رهي آهي، اُتي ’’وَڪالت‘‘سان مُنسَلِڪ ماڻهن جي اِصلاح جي لاءِ ”مَجلِسِ وُڪلا و ججز“