Book Name:Jhoot ki Tabah kariyan

بي نور ڪندو ويندو آهي۔ ڪوڙ جو مَرَض لاحِق ٿيڻ جو انداز به نِرالو ۽ غير مَحسُوس ہوندو آهي، انسان ہر ڀيري ڪوڙ ڳالهائيندي هي سوچيندو آهي ته هڪ ڀيرو ڪوڙ ڳالهائڻ سان ڪهڙو وڏو نقصان ٿي ويندو۔ جڏهن ته مُعاشَري ۾ بگاڙ عام طور تي ڪوڙ ڳالهائڻ جي سبب کان ئي ٿيندو آهي. ڪوڙ ڳالهائڻ وارو اللہ عَزَّوَجَلَّ جي ويجھو ڪذّاب (تمام وڏو ڪوڙو) لکيو ويندو آهي ۽ جہنَّم ۾ داخِل ڪيو ويندو آهي۔

ڪوڙ ۽ احاديثِ مبارڪه

اچو ته اِنهي متعلق ٽي (3) فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌون۔

1.       سچ ڳالهائڻ نيڪي آهي ۽ نيڪي جَنَّت ۾ وٺي ويندي آهي ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ فِسق ۽ فُجُور آهي ۽ فِسق ۽ فُجُور (گناھ) دوزخ ۾ وٺي ويندو آهي۔

(صحیح مسلم،کتاب الادب،باب قبح الکذب ،الحدیث:۲۶۰۷،ص:۱۴۰۵،ملتقطاً)

2.       بيشڪ سچائي نيڪي جي طرف وٺي ويندي آهي ۽ نيڪي جَنَّت جي طرف وٺي ويندي آهي ۽ بيشڪ ٻانهو سچ ڳالهائيندو ويندو آهي ايستائين جو اللہ عَزَّوَجَلَّ جي ويجھو صِدّيق يعني تمام سچ ڳالهائڻ وارو ٿي ويندو آهي۔ جڏهن ته ڪوڙ گناھ جي طرف وٺي ويندو آهي ۽ گناھ جہنَّم جي طرف وٺي ويندو آهي ۽ بي شڪ ٻانهو ڪوڙ ڳالهائيندو رہندو آهي،ايستائين جو اللہ عَزَّوَجَلَّ جي ويجھو ڪذّاب يعني تمام وڏو ڪوڙو ٿي ويندو آهي۔ (بخاری ، کتاب الادب، باب قول اللّٰہ تعالیٰ، ۴/۱۲۵، رقم:۶۰۹۴)

بارگاھِ رسالت ۾ هڪ شَخص حاضِر ٿي ڪري عَرض ڪيو: يارَسُولَ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! جہنَّم ۾ وٺي وڃڻ وارو عَمَل ڪهڙو آهي؟ فرمايائون: ڪوڙ ڳالهائڻ، جڏهن ٻانهو ڪوڙ ڳالهائيندو آهي ته گناھ