Book Name:Jhoot ki Tabah kariyan

اَلۡـحَـمۡـدُ لِـلّٰـہِ رَبِّ الۡـعٰـلَـمِیۡنَ وَ الـصَّـلٰـوۃُ وَ الـسَّـلَامُ عَـلٰی سَـیِّـدِ الۡـمُـرۡ سَـلِـیۡنَ

اَمَّـا بَــعۡـدُ فَـاَعُـوۡذُ بِـا لـلّٰـہِ مِـنَ الـشَّـیۡـطٰنِ الـرَّجِیۡمِؕ بِـسۡمِ الـلّٰـہِ الـرَّحۡـمٰنِ الـرَّحِـیۡمِؕ

ڪوڙ جون تباه ڪاريون

اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا رَسُوۡلَ اللّٰه

 

وَعَلٰى اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا حَبِيۡبَ اللّٰه

اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا نَبِيَّ اللّٰه

وَعَلٰى اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا نُوۡرَ اللّٰه

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ

(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

جڏهن به مسجد ۾ داخل ٿيو، ياد اچڻ تي نفلي اعتڪاف جي نيّت ڪري وٺندا ڪريو، جيستائين مسجد ۾ رهندؤ نفلي اعتڪاف جو ثواب حاصل ٿيندو رهندو ۽ ضمنًا مسجد ۾ کائڻ پيئڻ به جائز ٿي ويندو۔

دُرودِ پاڪ جي فضيلت

حضرت عبدالله بن سَلام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي ڀاءُ حضرت عُثمان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سان ملاقات ڪرڻ ويا ته اهي ڏاڍا خوش پئي نظر آيا ۽ چوڻ لڳا: مون اڄ رات خواب ۾ سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ديدار ڪيو، پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون کي هڪ ڏول (يعني ٿانوَ) عطا فرمايو جنهن ۾ پاڻي هو، مون پيٽ ڀري پيتو جنهن جي ٿڌاڻ هن وقت تائين محسوس ڪري رهيو آهيان، انهن پڇيو: اوهان کي اهو مرتبو ڪيئن مليو؟ جواب ڏنو: نبي اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي ڪثرت سان دُرود پاڪ پڙهڻ جي ڪري۔ (سعادة الدارين ص 149، ڪوڙو چور 1)