Book Name:Jhoot ki Tabah kariyan

به چوري ڪرڻ، ڪوڙا قسم کڻڻ ۽ خاص طور تي ڪوڙ جهڙي بَدترين گُناھ کان بچڻ گھرجي۔ (ڪوڙو چور 3)

مَدَني ماحول سان وابسته ٿي وڃو

ہر طرح جي گناهن کان خاص طور تي ڪوڙ کان بچڻ ۽ سچ جي عادت بنائڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿي وڃو۔ ياد رکو! صحبت جو اثر ٿيندو آهي، تِر کي گلاب جي گل ۾ رکو ته ان جي صحبت ۾ رهي گلابي ٿي ويندو۔ اهڙي طرح الله عَزَّوَجَلَّ ۽ اُن جي پياري رَسُول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مهرباني سان تبليغِ قرآن و سنت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿيڻ وارو بي حيثيت پٿر به ”انمول هيرو“ بڻجي خوب جڳمڳائيندو آهي۔ (پردي جي باري ۾ سُوال جواب ص 109) اوهان به ڪوڙ، غيبت، چُغلي، فلمون ڊراما ڏسڻ ڏيکارڻ، گانا باجا ٻڌڻ، ٻڌائڻ جهڙين بُرين عادتن کان پنهنجي جان ڇڏائڻ چاهيون ٿا ته هٿو هٿ ان مَدَني ماحول سان وابسته ٿي ڪري عملي طور تي دعوتِ اسلامي جي مدني ڪمن ۾ شرڪت جي سعادت حاصل ڪندا رهو، عاشقانِ رسول جي مَدَني قافلن ۾ سُنَّتن جي تَرۡبِيت جي لاءِ راھِ خدا ۾ سفر اِختِيار ڪريو، ڪامياب زِندگي گذارڻ ۽ پنهنجي آخِرت سنوارڻ جي لاءِ روزانو فڪرِ مدينه ڪندي مَدَني انعامات جي رِسالي ۾ ڏنل خانا ڀري ڪري ذِميدار کي ہر مَدَني مهيني جي 10 تاريخ جو اِنتظار ڪرڻ جي بغير پہرين تاريخ تي ئي جَمع ڪرائڻ جو معمول بڻائي وٺو۔ ان سان گڏوگڏ ہفتيوار سُنَّتن ڀري اجتِماع، ہفتيوار اجتماعي طور تي ڏٺو ويندڙ ”مدني مذاڪري“ ۾ پاڻ به شرڪت ڪريو ۽ ٻين تائين به ان جي دعوت پہچائيندا